عمران خان جِي گرفتاري جِي ڪوشش سان حالتون خراب ٿينديون: فواد چوڌري

0
197

عمران خان جي امڪاني گرفتاري جو اطلاع ملندي ئي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪن زمان پارڪ پهچي ويا، پي ٽي آءِ قيادت طرفان سوشل ميڊيا تي ڪارڪنن کي زمان پارڪ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي

 فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جِي گرفتاري جِي ڪوشش سان حالتون خراب ٿينديون، نااهل حڪمرانن کي خبردار ڪريون ٿا ته هوش کان ڪم وٺو، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن جلد زمان پارڪ پهچن

ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي، امپورٽڊ سرڪار عمران خان کي ڪورٽ ۾ پيشي جي دوران مارائڻ چاهي ٿي، پرڏيهي قوتن ۽ موجوده وفاقي سرڪار عمران خان کي عدالت ۾ مارائڻ لاءِ جتن ڪيا آهن

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حالتون خراب ٿينديون، اسان هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان صرف چاهيون ٿا ته عمران خان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ان جي سيڪيورٽي صورتحال جو مسئلو حل ڪيو وڃي، عمران خان مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن، هو هڪ ئي وقت ڪيترين عدالتن ۾ پيش ٿيندو

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري جا امڪان: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور پهچي وئي