عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور: فواد ۽ ايڊوڪيٽ جنرل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

0
207
عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور: فواد ۽ ايڊوڪيٽ جنرل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 7 ئي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

عدالت اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي 6 اپريل تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي وڪيل چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب ٽرائل ڪورٽ  بدران هاءِ ڪورٽ آيا آهيون

 چيف جسٽس چيو ته عمران خان تي هڪ دفعو حملو ٿي چڪو آهي، کيس درپيش سيڪيورٽي خدشا حقيقي هوندا، عمران خان اڳوڻو وزيراعظم آهي، سندس سيڪيورٽي واپس ڇو ورتي وئي آهي؟

عدالت وفاقي حڪومت کان وضاحت طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن پر رياست موجود هوندي آهي، شهرين کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي

 عمران خان ٻڌڻي دوران روسٽرم تي اچي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالت عمران خان کي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو خان صاحب توهان پنهنجي سيٽ تي وڃي ويهو

 عمران خان ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺو، ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد ۽ فواد چوڌري وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي

 ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته مان سيڪيورٽي تي ئي ڳالهائي رهيو آهيان، فواد چوڌري چيو توهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو، سڀ کان وڌيڪ ڪوڙا توهان آهيو: ايڊوڪيٽ جنرل جو جواب، عدالت ٻنهي کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو