اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کان گهٻرايون نه ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن عدالت ڪنهن کي گهرائي ٿي ته اهو پيش ٿئي، اسلام آباد پوليس عمران خان کي وٺڻ لاءِ وئي پر طاقت جو استعمال نه ڪيو، عمران کي پاڻ پوليس حوالي ڪرڻ گهرجي ها، اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان عمران خان جي گرفتاري کان نه ٿا گهرايون ۽ نه ئي ڄاڻي واڻي گرفتاري روڪي رهيا آهيون، شهبازشريف چيو آهي ته پهرين انڪوائري ٿئي پوءِ گرفتاري ٿئي. هن چيو ته اعليٰ عدالتون ٻئي پلڙا برابر ڪن، جيڪڏهن نظام کي هلائڻو آهي ته سمورن ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو، ججن کي سوشل ميڊيا جي دٻاءَ کان مٿانهون ٿي سوچڻ گهرجي. قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته هي ملڪ هليو ته عمران خان جي سياست هلندي، ماڻهن کي چور ڪوٺڻ سان اوهان جو دامن صاف نٿو ٿي سگهي، سياستدانن کي گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ملڪ سنگين معاشي حالتن مان گذري رهيو آهي.