عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار: فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
183
عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار: فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم
عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار: فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان ٻيهر رابطي جو حڪم پڻ ڏنو آهي

عدالتي حڪم تي پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عمران خان جي پيشي وقت عدالت جا در بند ڪيا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به غير معمولي هئا، آءِ جي اسلام آباد عمران خان کي کڻي عدالت پهتو

ٻڌڻي جو احوال

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي جي شروعات تي عمران خان جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ آيو هو، هو بائيو ميٽرڪ ڪرائي رهيو هو ته رينجرز ڪمري جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي، اُنهن عمران خان بدسلوڪي ڪئي ۽ کيس گرفتار ڪيو

عدالتي احاطي مان گرفتاري سان عدالت جو تقدس ڪيڏانهن ويو؟ چيف جسٽسسپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

جسٽس اطهر من الله چيو ته هاءِ ڪورٽ جي تقدس جو معاملو سپريم ڪورٽ به ڏسندي، اسان کي انصاف تائين پهچ جي حق کي ڏسڻو آهي، انصاف تائين رسائي هر شهري جو حق آهي، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو افسوسناڪ آهي

چيف جسٽس چيو ته عدالتي احاطي مان گرفتاري سان عدالت جو تقدس ڪيڏانهن ويو؟رڪارڊ موجب جيڪو ڪيس مقرر هو، اُهو ڪو ٻيو هو، 90 ماڻهو عدالت ۾ داخل ٿيا ته عدالت جي ڪهڙي عزت رهي؟

نيب عدالت جي توهين ڪئي آهي، ان واقعي کانپوءِ مستقبل ۾ عدالت ۾ ڪو به پاڻ کي محفوظ نه سمجهندو، ڪنهن کي هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ يا احتساب عدالت گرفتار نه ڪري سگهبو ، عمران خان جي گرفتاري سان عدالتي وقار مجروح ٿيو آهي

عدالت ۾سرينڊر ڪندڙ شخص کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي: جسٽس اطهر من الله

جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب ڪيترن ئي سالن کان مختلف ماڻهن سان ساڳيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اهڙيون گرفتاريون ٿيڻ لڳيون ته مستقبل ۾ عدالتن تي ڪو به ڀروسو نه ڪندو

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته نيب وارنٽ جي قانوني حيثيت نه پر اُن تي عملدرآمد ڏسنداسين، عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جيڪو ٿيو اهو روڪڻ گهرجي ها

جسٽس اطهر من الله عمران خان جي وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته اهي سپريم ڪورٽ مان ڇا ٿا چاهين؟ ان تي حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار