عمران خان جي گرفتاري: حڪومت ۽ نيب جو موقف جارحاڻو قرار

0
234

عمران خان جاچ عمل ۾ رنڊڪ وجهي ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو، جاچ آفيسر کي جڏهن به ضرورت پوي ته عمران خان سندس آڏو پيش ٿئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو موقف جارحاڻو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 245 لاڳو آهي ان ڪري عمران خان کي رليف نه ٿو ملي سگهي

عدالتي فيصلي موجب اهڙي موقف جو مطلب اهي بنيادي حق کسڻ آهي جيڪي جمهوري ۽ اسلامي رياست جو بنياد آهن، واڳيل فورم احتساب عدالت هجڻ وارو اعتراض درست نه آهي

عدالت چيو ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر تحت به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي