عمران خان جي لانگ مارچ کان هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون، درجنين ڪارڪن گرفتار

0
168
عمران خان جي لانگ مارچ

اسلام آباد: عمران خان جي لانگ مارچ کان هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون، درجنين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن، اسلام آباد، لاهور ۽ ملتان سوڌو پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پوليس جا ڇاپا

 عثمان ڊار،راجا بشارت ۽ فردوس عاشق اعواڻ سوڌو ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا ھنيا ويا، حماد اظهر طرفان پوليس تي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جا الزام ھنيو ويو

 محمود الرشيد چيو آهي ته گهر ۾ پي ٽي آءِ لاهور جي قيادت موجود هئي ته پوليس ڇاپو هنيو، کين اڌ ڪلاڪ تائين اسٽور ۾ لڪي ويهڻو پيو، ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس پاران ڇاپا ھنيا ويا، پي ٽي آءِ ايم اين اي سيف الرحمان گرفتار ٿي ويو

 پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان گڏ ايڪس سروس مين ۽ سول ادارن جا رٽائرڊ ماڻهو به پوليس گردي جو شڪار ٿيا، پنجاب ۾ رات جو 11 سئو گهرن تي ڇاپا هنيا ويا

اطلاع آهن ته رٽائرڊ ميجر جي گهر تي رات دير سان ڇاپو هنيو ويو، گهر ڌڻين ڏوهاري سمجهي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اهلڪار حياتي وڃائي ويٺو، فواد چوڌري طرفان راڻا ثناءُ الله ۽ حمزه شهباز ڇاپن جا ذميوار قرار ڏنا ويا آھن

ھي به پڙھندا

گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست:سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ضابطن تي عمل ڪيو وڃي:چيف جسٽس