عمران خان جي سياست ۽ حڪمرانن جي مفاهمت

0
146
تخت لاهور جي لڙائي

  خبر ناهي ته عمران خان واري پي ٽي آءِ جو ڇا ٿيندو پر اڪبر ايس بابر چوي ٿو ته اصلي پي ٽي آءِ  انهن جي آهي، ڪارڪن اصلي پارٽي ۾ اچن. اڪبر ايس بابر پاڻ کي پي ٽي آءِ جو باني ميمبر سڏي ٿو ائين ته ن ليگ جو اڳواڻ اصاز صادق به ن ليگ جي دور ۾ اسپيڪر رهڻ کانپوءِ ن ليگ جي هينئر مرڪزي قيادت هئڻ باوجود پاڻ کي پي ٽي آءِ جي ميمبر هئڻ واري ڳالهه کي نٿو وساري. گذريل ڏينهن به پريس ڪانفرنس دوران اياز صادق چيو ته انهن سمورين ڳالهين جو ته مان پاڻ گواهه آهيان ائين ئي گذريل ڏينهن مسلم ليگ ق جو اڳواڻ چوڌري شجاعت لاهور کان اسلام آباد پهچي پنهنجي رهائش گاهه تي پارٽي جي مرڪزي قيادت وارو اجلاس گھرائي چيو ته مسلم ليگ ق اصل ۾ اسان واري آهي.

چوڌري پرويز الاهي چوڌري شجاعت وارن جون تصويرون به لاهي ڇڏيون آهن. معاملو به اليڪشن ڪميشن تائين اچي پهتو آهي ته اصل پارٽي ڪنهن جي آهي؟ ان کان اڳ سپريم ڪورٽ پارليامينٽ اندر پاليامياني ليڊر جو حڪم هلندو وارو فيصلو ڏئي حمزه شهباز کي لاهور جي تخت تان لاهي ڇڏيو آهي، پر پرويز الاهي جي ساڳئي درخواست اليڪشن ڪميشن تسليم ناهي ڪئي. هينئر تائين اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت کي ئي پارٽي جو سربراهه قرار ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن ان معاملي کي اڃا محفوظ ناهي ڪيو، ٿي سگهي ٿو اهو معاملو محفوظ ڪرڻ جي حد تائين ئي نه وڃي. جيڪڏهن پارٽي جا اختيار واپس شجاعت حوالي ٿي ويا ته پوءِ چوڌري شجاعت ڪهڙو قدم کڻندو؟ ان آسري تي ته حمزه شهباز به لنڊن ياترا ڪري رهيو آهي.

جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن اندر هلندڙ ق ليگ ڪنهن جي آهي وارو ڪيس به وڏي اهميت وارو ڪيس آهي پر پنهنجون نظرون عمران خان واري پي ٽي آءِ خلاف آيل فارن فنڊنگ ڪيس کان هيڏي هوڏي ٿين ته ڪو ٻيو ڪيس نظر ۾ اچي نه. ڪو قصو هينئر هلي ٿو ته پي ٽي آءِ جو ڇا ٿيندو . ان سوال کي في الحال اتي ئي ڇڏيون ٿا. سوال ان کي ذڪر ۾ آڻيون ٿا ته نواز شريف سان ڇا ٿيو؟ پي ٽي آءِ جا وڪيل جيڪي عمران جي چوڻ تي نواز شريف خلاف قانوني ميدان ۾ ڪاهي پيا هئا اهي جنهن جي نتيجي ۾ نواز شريف اقامه جي ور چڙهي مجهي ڪيون نڪالا واري تحريڪ هلائي عوامي مقبوليت ۾ اضافو ڪندو رهيو. هاڻي ساڳئي معاملي تي ساڳيا وڪيل پنهنجن دليلن جي خلاف ڪيئن پيا دليل ڏين! ان کي چئبو آهي ٻي جي کڏ کوٽڻ جو مقصد رڳو ان جي ڪرڻ واري نتيجي سان مشروط ناهي پر ان مان پاڻ کي ڪڍڻو پوندو آهي. هاڻ عمران خان نواز شريف جو نظريو کڻي ميدان ۾ لٿو آهي تڏهن ئي ڪامياب ٿي رهيو آهي.

مريم نواز سميت پوري ن ليگ پريشان آهي ته اهو بيانيو ته اسان جو هيو هي عمران خان ڪيئن اينٽي اسٽيبلشمينٽ تحريڪ کان ويندي ووٽ ڪو عزت  دو کان ٿيندي اهي سوال اٿاري رهيو آهي ته رات جو ٻارهين وڳي عدالتون لڳائي مجهي ڪيون نڪالا؟ هاڻي عمران خان وارن وڪيلن کان پڇيو پيو وڃي ته نواز شريف واري ڪيس ۾ ڪاميابي  ڪاميابي هئي يا اهو ئي ڪيس هينئر سان ڪنهن جي ڳچي ۾ پئجي رهيو آهي جنهن ڪري عدالتن آڏو نه اهي سوال اچي رهيا آهن ته جيڪڏهن نواز شريف اقامه رکڻ ۽ پنهنجي پٽ کان پگھار نه وٺڻ تي نااهلي ٿي وزيراعظم واري ڪرسي وڃائي ويهي ٿو پر سياست جي ميدان مان نااهل بڻجي جيل ياترا ڪري وڃي لنڊن پهچي ٿو. سندس نياڻي مريم نواز به اهڙي ئي معاملي ۾ نااهل بڻيل آهي. ٻيو ته ڇڏيو  پر عمران خان جو ان وقت جو دوست جھانگير ترين به نواز شريف سان گڏ صادق ۽ امين نه رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ عمران خان عدالتن جي طرفان پاڻ کي سرٽيفائيڊ صادق ۽ امين سڏائيندو هو، هاڻي ساڳيو عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي اچڻ کانپوءِ ان ۾ معمولي نوعيت جا مثال ڳولهي رهيو آهي.

کائنس سوال ڪيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن نواز شريف پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ٿي سگهي ٿو ته توهان ان کي ڇو معمولي سمجهو ٿا توهان ته پاڻ چوندا هئا ته منهنجي مٿان الزام اچي ته مان اقتدار ڇڏي عدالتن ۾ پاڻ وڃي ڪيس وڙهان هئا، پر عمران خان اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ جي بجاءِ واضع انداز ۾ چوي ٿو ته توهان جي سوالن جا جواب نه ڏيندس . اهو ساڳيو ئي سوال سپريم ڪورٽ آڏو به شروعاتي طور تي دليل جي صورت ۾ رکڻ کانپوءِ ن ليگ پاران عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته عمران خان جي خط کي قبول ڪيو وڃي ٿو ته چوڌري شجاعت جي خط کي ڇو نٿو قبول ڪيو وڃي؟ هاڻي ان سوال کي نئون روپ اهو ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف رڳو پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ٿي سگهي ٿو ته عمران خان پئسا وٺڻ تي ڇو نٿو ٿي سگهي؟

تحريڪ انصاف وارا ته ان سوال جي آڏو به بي وس نظر اچن ٿا. فارين فنڊنگ ڪيس ته گذريل اٺن سال کان اڪبر ايس بابر داخل ڪيو هو نواز شريف واري دور ۾. تڏهن واري اليڪشن ڪميشن ته ان ڪيس کي هلائڻ لاءِ به تيار نه هئي هي ته توهان جي پنهنجي دور ۾ ڪيس هليو آهي. توهان جي دور ۾ مڪمل ٿيو آهي، چيف اليڪشن ڪميشنر به توهان جو مقرر ٿيل آهي. عمران خان ته ان ڪيس کي عوامي عدالت ۾ هلائڻ جون ڳالهيون ڪندو هو. ان دور ۾ ته آصف زرداري کان نواز شريف شهباز شريف تائين سموري مخالف ڌر جي قيادت جيل ڀوڳي رهي هئي ته پوءِ ان دور جي ڪيس تي اهي اثر انداز ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ خود پاڻ توهان جو  اهو سوال ڪيترو جائز آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر نواز ليگ جو آهي؟ حڪومت ته توهانجي هئي هڪڙو چيف اليڪشن ڪمشنر ڇا پيو ڪري سگهي جيڪڏهن توهان جي دور ۾ جسٽس قاضي فائر عيسيٰ پنهنجي گھر واري سميت عدالتن کي منهن ڏئي چڪو آهي ته توهان کي ڇو معاف ڪيو وڃي. وڏي ڳالهه اها آهي ته احتساب جو نعرو ئي توهانجو آهي ته شروعات پنهنجي گهر کان ڇو نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي قيادت هاڻي انهي ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي.

هڪڙي پاسي پي ٽي آءِ پنهنجي ئي وڇايل ڄار  ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي شهباز شريف وارو حڪمران اتحاد به سخت مونجهاري جو شڪار آهي. پنهنجي ئي پٽ حمزه شهباز جي حڪومت وڃائڻ کانپوءِ تنقيد کي منهن به شهباز شريف کي ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايتري قدر جو حمزه شهباز به لنڊن پهچي نواز شريف جي هنج ۾ ويهي رهيو آهي. هتي شهباز شريف کي هاڻي مولانا فضل الرحمان وارن به قائل ڪيو آهي ته مفاهمت واري پاليسي ڇڏيو هي مفاهمت واري زبان سمجهڻ وارا ناهن، ان ڪري حڪومت هينئر پنهنجي پراڻي مزاحمتي بيانيي ڏانهن واپس اچي رهي آهي. حڪمران اتحاد ان ڳالهه ۾ پريشان آهي ته پاليسي مزاحمت واري ۽ اڳواڻ مفاهمت وارو اهو ڪم ڪيئن هلندو؟ ان ڪري هاڻي چيو پيو وڃِ ته تحريڪ جي شروعات نواز شريف پاڻ اچي ڪندو يا مريم نواز پنهنجي پراڻي ٽيم سان گڏ ميدان ۾ ايندي. شهباز شريف تي به ايترو ئي دٻاءُ آهي جو هاڻي فارين فنڊنگ ڪيس ذريعي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ نااهل ڪرڻ کان ويندي پارٽي تي پابندي سڄي قيادت کي قانوني گهيري ۾ آڻڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي.

ان کان اڳ ساڳي شهباز شريف واري حڪومت هئي جنهن کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو هٿ ۾ هو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ کي غيرقانوني غيرآئيني قرار ڏئي اهڙي تشريح ڪئي هئي جو راڻا ثناءَالله پنجاب ۾ ويهن سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ مصروف هئڻ باوجود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ آرٽيڪل 6 جي ڳالهه به آهي. ڪابينا ۾ عمران خان جي گرفتاري جو معاملو رکندس پر پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو؟ ان ڇا ٿيو جي پٺيان سوين سبب آهن. هي آصف زرداري ۽ نواز شريف واريون اهي پارٽيون آهن جيڪي ميثاق جمهوريت ڪري چڪيون آهن. يوسف رضا گيلاني ته هينئر تائين چوي ٿو ته منهنجي دور ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو. هي به چوندا رهن ٿا ته اسان انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين. هي ميثاق جمهوريت وارا اهي سياستدان آهن جن هڪ ٻئي خلاف ڪجهه ڇڏيو ناهي جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي اهي ان نتيجي تي پهتا آهن

جو هڪ ٻئي خلاف غدار غدار واري راند کيڏڻ لاءِ تيار ناهن پر ميثاق جمهوريت وارن آڏو هي ڪپتان اڃا به 90 واري ڏهاڪي ۾ بيٺل آهي. ان ڪري هي ميثاق جمهوريت وارا ان ڳالهه ۾ پريشان آهن ته اڳتي وڌجي يا پوئتي رخ ڪجي جيڪڏهن هي اڳتي وڌندي عمران خان کي ڪجهه به نه ٿا چون ته عمران خان پنهنجي مقبوليت ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي، جيڪڏهن هي ميثاق جمهوريت وارا ساڳيو عمران خان وارو رستو اختيار ڪري عمران خان واري مخالف ڌر کي گرفتار ڪن ٿا ته نه رڳو عمران خان جي مقبوليت ۾ ويتر اضافو ٿئي ٿو پر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو وارن آڏو اهو سوال به اچي ٿو ته توهان جا وڏا ته ميثاق جمهوريت ڪري چڪا آهن جيڪڏهن هاڻي توهان پاڻ ئي سياستدانن کي گرفتار ڪري سندن پارٽين تي بندش لڳائيندئو ته ان جو مقصد اهو ٿيو ته توهان ۾ ۽ عمران خان ۾ ڪو به فرق نه رهيو، ان ڪري هي ميثاق جمهوريت وارا پريشان آهن ته ڇا ڪن.