اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندن وٽان) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي امڪاني گرفتاري ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ خلاف راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف هنڌن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر صداقت عباسي جي اڳواڻي ۾ جي پي او چوڪ وٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن  پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي اڳواڻي ۾ ترنول چوڪ کي بند ڪري ڇڏيو،پي ٽي آءِ ڪارڪنن مري روڊ کي باره ڪهو جي هنڌ تي احتجاج ڪري بند ڪيو، پوليس ترنول روڊ بند ڪندڙ ڪارڪنن خلاف ترنول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو، ان موقعي تي اسلام آباد پوليس 15 مظاهرين کي گرفتار به ڪيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي اٺال چوڪ کي بند ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لياقت باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽائر ساڙي مري روڊ بند ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ ذريعي مظاهرين کي منتشر ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪاميٽي چوڪ مري روڊ، ٽيڪسيلا، ڪچهري چوڪ تي به ڪارڪنن کي پوليس منتشر ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن روڊن تي ٽريفڪ شروع ٿي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ٽائر ساڙي اسلام آباد ايڪسپريس کي به بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ان ايڪسپريس وي تان گذرندڙ گاڏين جي ڊگهي قطار لڳي وئي.ڪراچي ۾  پي ٽي آءِ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، مختلف روڊن  تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيا ويا، جڏهن ته نيٽي جيٽي پل تي احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي شاهنواز جدون کي پوليس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ورتو، فائيو اسٽار چورنگي تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ جهڙپن دوران اهلڪارن آنسو آڻيندڙ گيس استعمال ڪرڻ بعد 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪارڪنن سان گڏ پهچي سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن شروعاتي طور پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ۽ بعد ۾ باءِ پاس تي پهچي روڊ تي رڪاوٽون رکي ٻنهي پاسن کان روڊ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ۾ نوجوان ۽ عورت ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته عمران خان کي هو ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ٿيڻ نه ڏيندا.سکر ۾ تحريڪ انصاف  طرفان ديدار جتوئي، پپو چاچڙ، ظهير بابر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملٽري روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو،  قمبر ۾ عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن  ضلعي صدر محمد علي هڪڙو جي اڳواڻي ۾  ڀٽو چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھنيو.ڪشمور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن نورالبشر پٺاڻ، وسيم يوسفزئي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪيرياشاخ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو .سڪرنڊ ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف قومي شاهراهه جلالاڻي پل وٽ ڪارڪنن نثار احمد پرهياڙ، راجيش ڪمار ۽ يوسف ميتلو جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، محرابپور ۾ ڪارڪنن ڊاڪٽر راشد مغل، مجاهد سامٽيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري شهيد بينظير ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، شھدادپور ۾ ڪارڪنن منوچر گجر، جهانگير شيخ، ماجد باغي، شهزاد قريشي، راڻا ستار راجپوت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو،قاضي احمد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن يار محمد ٻگھيو، اسد ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، دولتپور صفن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڊاڪٽر عبدالوحيد انڙ جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽنڊو آدم ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن نثار خان مهمند، فيض محمد ڏيرو، آصف خان محمد، ظفر گنڊاپور ۽ محسن خان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،