عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويجھڙائپ

0
255
ايٽمي-اثاثن-جي-غير-محفوظ-ھئڻ-تي-آمريڪي-ڳ

  اقتدار جي خاتمي جو  ڪارڻ اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪرپٽ مافيا کي ملڪ جي مٿان مڙھڻ جي حوالي سان  الزام لڳائيندڙ عمران خان طرفان ھٿياربند فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه کي نئين حڪومت جي اچڻ تائين توسيع ڏيڻ جي  ڏنل تجويز پي ڊي ايم حڪومت کي بند گھٽي ۾ پھچائي ڇڏيو آهي جو حڪومت ان تجويز جي نه حمايت ڪري سگهي ٿي نه وري مخالفت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ھٿياربند فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه کي توسيع ڏيڻ جي حوالي سان ڏنل بيان شھباز حڪومت جي اتحادين کي ھڪ طرف بند گھٽي تائين پهچائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ملڪ ۾ نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي ته آخر ڪار عمران خان کي ھن وقت اھو ڪيئن خيال آيو جو هن جنرل قمر جاويد باجوه کي وڌيڪ توسيع ڏيڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. حالانڪه ڪجهه ڏينهن پھرين فيصل آباد جلسي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ھو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري فوج جو نئون سپھه سالار پنھنجي مرضي جو مقرر ڪرائڻ چاھن ٿا جيڪو سندن ڪرپشن جو پڇاڻو نه ڪري سگھي. سندس اھڙي بيان تي پاڪ فوج جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو ته فوج جي اندر اھڙي بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان قسم جي بيانن سان اداري کي تڪراري نه بڻايو وڃي وقت اچڻ تي نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿي ويندي.

ليڪن ھن وقت عمران خان جي اھڙي تجويز شھباز حڪومت کي بند گھٽي ۾ پھچائڻ سان گڏ نئين آرمي چيف جي مقرري کان پھرين ايترو ته ڦاسائي ڇڏيو آهي جو ان تجويز جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي. عمران خان اچانڪ اھڙي چال کيڏندي حڪومت جي اتحادين کي پڻ حيران پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته کين  عمران خان مان اھڙي تجويز جي اميد ان ڪري به نه ھئي ته ھو جنرل قمر جاويد باجوه کي توسيع ڏيڻ جي حوالي سان اچانڪ اھڙي تجويز پيش ڪري ڇڏيندو ڇو ته اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ پھرين ڏينھن کان عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي پنھنجي اقتدار جي خاتمي جو بنيادي سبب قرار ڏنو، ان حد تائين جو جانور، مير صادق مير جعفر جا لقب ڏنا ۽ اھو به چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي بغير سندس مخالف حڪومت ۾اچي نه پئي سگھيا. جنرل قمر جاويد باجوه جي توسيع جي حوالي سان بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف جو ھن وقت تائين موقف آيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ تقريبن اڍائي مھينا رھن ٿا، چار کان پنج نالا وزيراعظم آڏو پيش ڪيا ويندا ۽ وزيراعظم پنھنجي صوابديدي اختيار استعمال ڪندي ڪنهن هڪ کي آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو.ڏسڻو اھو آھي ته عام چونڊون وقت کان پھرين ٿين ٿيون يا پارليامينٽ پنھنجي مدت پوري ڪري ايندڙ سال آگسٽ ۾چونڊون ڪرائيندي. ڇا عمران خان کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو آهي ته چونڊون وقت کان پھرين ھلندڙ سال جي آخر يا وري 2023ع جي نئين سال جي پھرين مھينن  ۾ ڪرايون وينديون؟ جڏهن ته حڪومتي اتحادين جو موقف آهي ته پارليامينٽ پنھنجي مدت پوري ڪرڻ کان پوءِ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. ڏٺو وڃي ته عمران خان نئين سر چونڊن جو مسلسل مطالبو  ڪندو رھيو، ھاڻي نئين حڪومت جي اچڻ تائين جنرل قمر جاويد باجوه کي توسيع ڏيڻ جي تجويز مان اھو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ملڪ جي طاقتور قوتن عمران خان کي  چونڊن سميت کيس ڪجھه شين جي پڪ ڏياري وئي آهي جنھن جي ڪري به ھن اھڙو يوٽرن ورتو آهي. ھونئن به عمران خان جي باري ۾ اھو مشھور آھي ته يوٽرن وٺڻ وقت دير ناهي ڪندو. ھتي اھو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته  جنرل قمر جاويد باجوه  6 سالن کان وڌيڪ آرمي چيف جي عھدي تي رھڻ چاھي به ٿو يا نه؟  ڇو ته پاڪ فوج جو ترجمان ھڪ کان وڌيڪ دفعا چئي چڪو  آهي ته آرمي چيف وڌيڪ توسيع نه وٺندو، وقت تي رٽائرڊ  ٿي ويندو.

سياسي حلقن توڙي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته جنرل باجوه ٽن يا ڇهن مهينن جي توسيع ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.  جڏھن ته عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ جنرل قمر جاويد باجوه کي توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو ته ان وقت به مدت جو معاملو بحث ھيٺ آيو ۽ بعد ۾کيس ٽن سالن جي توسيع ڏني وئي ھئي ۽ اھو توسيع جو معاملو پھرين سپريم ڪورٽ تائين پهچايو ويو. سپريم ڪورٽ ان حوالي سان فيصلو ڏنو ته پارليامينٽ قانون سازي ڪري وڌيڪ توسيع بابت فيصلو ڪري. چيو وڃي ٿو ته ھن وقت فوج جي اندر جيڪي سينئر ترين جنرل ويٺا آهن جن کي ان ڳالهه جي اميد آھي ته اداري ۾ ميرٽ نظرانداز نه ڪيو ويندو. ماضي تي نظر وجهبي ته اڪثر آرمي چيف اھي ٿيا جيڪي جونيئر ھئا انھن کي ترقي ڏئي مٿي آندو ويو. ھڪ ھفتو پھرين مان ھتي “پنھجي اخبار” ۾ تفصيل سان لکي چڪو آھيان ته جن به جنرلن کي ترقي ڏئي مٿي آندو ويو،

انهن ۾ ڊڪٽيٽر ضياءُ ۽جنرل مشرف پڻ شامل آهن پر انهن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نواز شريف سان وفا نه ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾  ڦاهي ڏني وئي ۽ نواز شريف کي جلاوطن ڪيو ويو.ٻيو ھتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عمران خان جيڪو پتو کيڏيو آھي اھو ھن ڪنھن ته بنياد تي کيڏيو آھي؟ آخر ايڏي وڏي تڪرار کان پوءِ سندس جو اسٽيبلشمينٽ ڏانھن تبديل ٿيندڙ رويو به ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات بھتري طرف وڃي رهيا آهن. ان حوالي سان ھڪ اڌ مھينو پھرين سياسي حلقن ۾ ذڪر ڪندي نه صرف ٻڌو ويو بلڪه گھرو وفاقي وزير رانا ثناءُالله نجي محفلن ۾ ان طرف اشارن جو احوال ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن واقعي عمران خان جي اسٽيبلشمنٽ سان ويجھڙائپ ٿي آھي ته پوءِ حڪومت ۾ شامل جماعتون ڪيئن قبول ڪنديون، جيڪا عمران خان کي اقتدار مان ڪڍڻ لاءِ   ملڪ ۾ مھانگائي جي طوفان جو بار به پنهنجي ڪلهن تي کنيو،جنهن ڪري  عوام ۾ سندن خلاف نفرت جو اندازو به لڳائي چڪا آهن جو حڪومتي سخت فيصلن جي ڪري پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ کي شڪست آئي ۽ پي ٽي آئي 15سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي ان ۾ به لاھور شھر مان نواز ليگ کي شڪست ڏيڻ شامل آهي. چيو ٿو وڃي ته عمران خان جي تجويز کان ھڪ ڏينھن پھرين آمريڪي سفير سان سندس ڳجھي ملاقات ٿي جنھن جي پي ٽي آئي پاران ترديد ڪئي وئي پر عمران خان ھڪ بيان ۾ چئي ڇڏيو آهي ته ھو آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته عمران خان ھن وقت تائين حڪومت جي خلاف عوامي رابطه مهم ۾ جيڪا ڪاميابي ماڻي آهي ۽ حڪمرانن جي خلاف ايتري نفرت پيدا ڪئي آهي جو عوام حڪومت جي ڪنھن به فيصلي تي يقين ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.