عمران خان جو 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي جيل ڀريو تحريڪ جو الٽيميٽم

0
193
عمران خان جو 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ
عمران خان جو 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي جيل ڀريو تحريڪ جو الٽيميٽم

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته 90ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪنداسين، تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ پارٽي جا ضلعي صدر علائقي جي ڪارڪنن سان گڏ رجسٽريشن ڪرائيندا، سمورا ڪارڪن ۽ رضاڪار پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين، اُن کانپوءِ اعلان ڪندس ته جيل ڀريو تحريڪ ڪهڙي ڏينهن شروع ڪرڻي آهي
پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته جڏهن کان امپورٽيڊ حڪومت آئي آهي، تڏهن کان آئين ۽ قانون جا بخيا اڍيڙيا پيا وڃن
هن چيو ته حالت اها آهي جو پوليس ۽ رياست عدالتي حڪم به نٿيون ٻُڌن، ملڪ کي عدم استحڪام مان ڪڍڻ ۽ نين چونڊن لاءِ اسان 2 اسيمبليون ٽوڙيون
عمران خان وڌيڪ چيو ته 25 ڏينهن گذرڻ باوجود چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي آهي، 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته اها آئيني ڀڇڪڙي هوندي ۽ آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو

هن کي به پڙهندا

ڪارڪن تياري ڪن: عمران خان پاران جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

وفاقي سرڪار 7 فيبروري تي ڪوٺايل اي پي سي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي