عمران خان جو ٻيهر آصف زرداري مٿان ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ جو الزام

0
278
ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ جو الزام
عمران خان جو ٻيهر آصف زرداري مٿان ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ جو الزام

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته، ايم پي ايز کي 50 ڪروڙ تائين آفر ڏني پئي وڃي، آصف زرداري کي گرفتار ڪيو وڃي

عمران خان چيو ته لاهور ۾ سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جهڙا منظر نظر اچن پيا، آصف زرداري لٽيل دولت مان ماڻهو خريد ڪري رهيو آهي، کيس جيل ۾ وجهڻ گهرجي

https://twitter.com/ImranKhanPTI/status/1549746362480205824
پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪري ها ۽ لوٽن کي سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ها ته اُهو سلسلو رڪجي وڃي ها

عمران خان سوال ڪيو ته ڇا امپورٽيڊ حڪومت آڻيندڙ ڪرتا ڌرتا کي احساس ناهي ته قوم کي سخت نقصان پهچايو پيو وڃي