عمران خان جو لانگ مارچ ڪٿي دنگ ڪندو؟

0
197
لاهور جي تخت تي ڪير ويهندو؟

  پشاور ۾ عمران خان جي اعلان سان ئي لانگ مارچ واري موضوع تي بحث جي شروعات ٿي چڪي آهي، اسان به پنهنجي بحث جي شروعات ان موضوع سان ڪريون ٿا ته عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ملتان واري پنهنجي آخري جلسي ۾ ڇو نه ڪيو. ملتان واري ان جلسي ۾ عمران خان به پنهنجو 25 مئي وارو فيصلو ايئن محفوظ ڪيو جيئن اليڪشن ڪميشن منحرف ميمبرن بابت پنهنجو لکيل فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ محفوظ ڪيو. عمران خان جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو صدر پاران اماڻيل ريفرنس وارو فيصلو اهڙو هو جنهن تي عمران خان کان اهو به وسري ويو ته ساڳي سپريم ڪورٽ رات جو 12 هين وڳي ڇو کلي هئي؟ ڪالهه جڏهن شيرين مزاري جي گرفتاري تي  موڪل هئڻ باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کولڻ جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ رات جو ساڍي يارهين وڳي اسلام آباد ۾ ٻڌڻي جو وقت رکيو ويو ته چوڌري فواد کان پريس ڪانفرنس دوران پڇيو ويو ته توهان ته رات جو ٻارهين وڳي عدالت لڳائڻ تي اعتراض ڪندا هئا جنهن تي چوڌري فواد چيو ته اڌ ڪلاڪ جو فرق آهي، اسان کي 12 هين وڳي نه رات جو ساڍي يارهين جو وقت ڏنو ويو آهي.

عمران خان کي اهو انتظار هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پنجاب جي منحرف ميمبرن بابت ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري، ساڳئي وقت اهو به انتظار هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ جا نتيجا ڪهڙا ٿا اچن. حمزه شهباز استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿئي ٿو يا نه. ساڳئي وقت وفاقي حڪومت به معاشي ميدان ۾ ايترو پريشان هئي جو ان کي پنهنجي ئي اڳواڻ مريم نواز پنهنجي خطاب ۾ حڪومت ڇڏي ڏيڻ جي حڪم جھڙي صلاح ڏئي رهي هئي. عمران خان وارن کي اهو يقين هو ته اليڪشن ڪيمشن به جيڪڏهن پنجاب جي 25 ميمبرن کي نااهل ڪري ڇڏيو ته حمزه سان گڏ شهباز حڪومت به گھر هلي ويندي، جنهن ڪري لانگ مارچ يا ڌرڻي جي ضرورت نه پوندي. عمران خان واري پارٽي کي اهو خدشو به هو ته حڪومت عمران خان سميت پارٽي جي مرڪزي قيادت کي گرفتار ڪرڻ جو پلان جوڙي ڇڏيو آهي، بني گالا ڏانهن رات جي وقت سيڪيورٽي وارن جي اچ وڃ ۽ شيرين مزاري جي گرفتاري ان خدشي کي درست به ثابت پئي ڪيو، جنهن ڪري عمران خان وارن فيصلو ڪيو ته ڪور ڪاميٽي اجلاس پشاور ۾ ڪجي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي اچڻ کان پوءِ به حمزه شهباز جي حڪومت به قائم آهي ته شهباز شريف به ملڪ تي حڪومت ڪرڻ ۾ مصروف آهي، تنهن ڪري عمران خان چونڊن جي تاريخ وٺڻ لاءِ  25 مئي تي اسلام آباد جي سرينگر روڊ تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جنهن سان اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته عمران خان هن ڀيري ڊي چوڪ جو اعلان ڇو نه ڪيو، ان کان اڳ جڏهن به عمران خان لانگ مارچ ڪيو  ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو، تڏهن به عمران خان ساڳئي روڊ جي آبپاره جي سامهون پهچڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت جي گھرو کاتي جي وفاقي وزير چوڌري نثار به آبپاره تائين اجازت ڏني هئي پر ان وقت ان ڪشمير هاءِ وي آبپاره تائين پهچڻ کان پوءِ عمران خان  جلوس جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ان کان اڳ عمران خان بار بار پنهنجي خطاب ۾ ڪارڪنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته  ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيو. عمران خان جڏهن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته ان کان اڳ موجود پوليس اهلڪارن گلن جا هار پارائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ عمران خان جي ڪارڪنن پوليس وارن کي گلن جا هار پارائي ڊي چوڪ ريڊ زون پهچي انهن پوليس اهلڪارن کي گلو بٽ چئي رتورت ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو کي ته تشدد دوران پنهنجا ئي اهلڪار ڇڏي ڀڄي ويا هئا، ان ڊي چوڪ تي پهچڻ کان پوءِ عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ پارليامينٽ هائوس سميت پي ٽي وي تي چڙهائي جھڙن الزام کي منهن به ڏنو. اهڙا لقاءَ هتي هر ڪنهن ڏٺا، جڏهن پارليامينٽ اندر ڪارڪنن چڙهائي ڪئي، پي ٽي وي جي آفيس مان عملي وڃي پناهه ورتي، ان وقت سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ هي علائقو ميدان جنگ بڻيو، هينئر به ڪهڙو اعتبار آهي ته عمران خان سرينگر هاءِ وي تي اچڻ کان پوءِ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽائيم لائين ڏئي ڇڏي ته جيڪڏهن اليڪشن جو اعلان نه ٿا ڪريو ته لانگ مارچ ريڊ زون ۾ داخل ٿيندو تڏهن حڪومت ڇا ڪندي؟

عمران خان جي هن اعلان کان اڳ رانا ثناءُ الله جيڪو خطاب ڪيو آهي، ان ۾ شيخ رشيد کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن راولپنڊي جو انسان خوني مارچ جون ڳالهيون ٿو ڪري ته اسان به هن کي لال حويليءَ جي دروازي سان ٻڌي ڇڏينداسين پر رڳو شيخ رشيد يا رانا ثناءُ الله جون ڳالهيون نه هلنديون، ظاهر آهي ته ٻنهي طرفن کان پارٽي جي مرڪزي قيادت کان سواءِ اتحادين جا به احوال به اثر ڪندا. هينئر به جيئن ئي عمران خان جو لانگ مارچ جو اعلان سامهون آيو آهي تيئن ئي ن ليگ کان اڳ پيپلز پارٽي جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، هڪڙو پختو خيال به آهي ته عمران خان سان ڪارڪن ايترا نه هوندا جنهن سان حڪومت کي ڪو لوڏو اچي سگھي، ان پختي سوچ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، هڪ ته جڏهن عمران خان لاڏلو هو، جڏهن ڊاڪٽر طاهر القادري به ساڻس گڏ هو تڏهن هو آيو ته ضرورو هو پر ڌرڻو هڻڻ بجاءِ روز رات جو فقط ميوزيڪل شو ٿيندو هو، جنهن کي حڪومت ۽ عوام ايترو انجواءِ ڪندي هئي جو اهي چوندا هئا ته اسلام آباد جي عوام هن ڌرڻي سان گڏ رهڻ سکي ورتو آهي. ٻيو ته هينئر ئي عمران خان ملتان کان اڳ اسلام آباد ۾ آخري جلسي ۾ جيڪو اعلان ڪيو جنهن ۾ چيو هو ته هو اهم اعلان ڪندو، ان ۾ به فقط خط ڏيکاريندي چيو ته منهنجي حڪومت جي خلاف سازش ٿي آهي، ان جلسي  مان به لڳو ته شِيخ رشيد جي پنهنجي وفاقي وزير هئڻ باوجود عوام جو تعداد پرامن طريقي سان منتشر ٿي ويو ته هاڻ ساڳيو عوام ڪيئن وڌيڪ شرڪت ڪري حڪومت ڪيرائي وجھندو. پر شيخ رشيد وارن جو خيال آهي ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ عمران خان مقبوليت جي بلندي تي بيٺو آهي جنهن ڪري هن ڀيري دمادم مست قلندر ٿي ويندو.

شهباز شريف جو پنهنجو ڇا خيال آهي، رانا ثناءُ الله ڪيئن ٿو سوچي اهو هڪ الڳ بحث آهي پر پيپلز پارٽي جاري ڪيل پنهنجن بيانن باوجود ان سوچ جي آهي ته عمران خان کي لانگ مارچ ڪرڻو ڏنو وڃي، بلاول ڀٽو پاڻ به هينئر لانگ مارچ جي پڄاڻي ڊي چوڪ تي ڪري عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ جو بنياد وجھڻ جو ڪريڊٽ کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن چيو پئي ته هي وائيٽ هائوس جي نه پر بلاول هائوس جي سازش هئي، عمران خان کي اسان لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ سان شڪست ڏني آهي، بلاول ڀٽو ان کان اڳ پي ڊي ايم جي اندر عمران خان خلاف لانگ مارچ ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي پر چيو هو ته پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ جو فلور نه ڇڏيندي، اهي استعيفيٰ نه ڏيندا، بلاول ڀٽو اهو به واضح ڪيو هو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به وزيراعظم کي ڌرڻي وسيلي هٽائڻ جي حق ۾ ناهي. بلاول ڀٽو هينئر پنهنجي وزيراعظم شهبازشريف کي ڪيئن عمران خان جي ڌرڻي معرفت هٽائڻ جي حمايت ڪندو.

پيپلز پارٽي عمران خان کي لانگ مارچ ڪرڻ جي اجازت به ڏيڻ جي حق ۾ هوندي ته ساڳئي وقت عمران خان جي ڌرڻي وقت شهباز شريف کي طاقت به فراهم ڪندي، بلڪل ايئن جيئن عمران خان جي پهرين ڊي چوڪ واري ڌرڻي دوران پيپلز پارٽي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ جي صلاح نوازشريف کي ڏني هئي. مولانا فضل الرحمان پهرين ڏينهن کان پاڻ به عمران خان خلاف لانگ مارچ ڪندو رهيو آهي پر هاڻ هو عمران خان کي خزان تصور ڪندي چوي ٿو ته خزان وڃي پوءِ بهار اچي نه اچي. شيخ رشيد چواڻي ته پوليس ۾ جھڙي قسم جون تبديليون ٿيون آهن ان مان به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو پر جن گذريل رات شيرين مزاري جي گرفتاريءَ کان پوءِ رات جو 12 هين وڳي آءِ جي اسلام آباد کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اندر اهو چوندي ٻڌو ته مون اڄ ئي ڊيوٽي سنڀالي آهي، انهن کي اندازو ٿي ويو هوندو ته اسلام آباد جي آءِ جي کي پهرين ڏينهن ڪهڙي ڏکيائيءَ سان منهن ڏيڻو پيو آهي. ساڳئي وقت مولانا فضل الرحمان کان ويندي رانا ثناءُ الله تائين سڀ عدالت جي حڪم تي حيران آهن ته سپريم ڪورٽ تحقيقاتي ادارن اندر بيورو ڪريسي ۾ تبديلي تي پابندي ڇو مڙهي ڇڏي آهي.

هاڻ ته عمران خان به هر جلسي ۾ چوندو رهيو آهي ته بيورو ڪريسي وارا به خاندان معرفت شرڪت ڪندا، عمران خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته جيڪي نيوٽرل هئا اهي هاڻ نيوٽرل ئي رهن، مطلب ڪالهه تائين عمران خان کي نيوٽرل رهڻ پسند نه هو هاڻ انهن جي نيوٽرل رهڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. عمران خان پنهنجي خطاب ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، اها انتهائي ٽڪراءَ واري زبان آهي، گذريل ڏينهن مريم نواز بابت جيڪا ٻولي عمران خان استعمال ڪئي ان تي جيتوڻيڪ سخت رد عمل سامهون آيو پر ان کان اڳ عمران خان کي ته فون ڪري سمجھايو ويو هو ته مهرباني ڪري مولانا فضل الرحمان لاءِ ٻولي بهتر ڳالهايو، ان وقت عمران خان وزيراعظم هو، وزيراعظم هئڻ باوجود جلسي ۾ چيو ته مون کي فون ڪري چيو ٿو وڃي ته مولانا فضل الرحمان کي ڪجھه نه چوان، هاڻ ته عمران خان چوي پيو ته هن فون ئي بند ڪري ڇڏيا آهن، اهو به چيو پيو وڃي ته سندس فون چوري به ٿي ويا آهن، شيرين مزاري به هينئر تائين پريشان آهي ته مون کان فون ڇو کسيو ويو، عدالت ٻاهران به هوءَ چئي رهي هئي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي منهنجي فون سان ڪهڙي دلچسپي هئي. شيخ رشيد چوي ٿو ته عمران خان پنهنجو نمبر ڀلي بند ڪيو هجي پر پرويز خٽڪ جو نمبر کليل آهي، هاڻ سمجھه ۾ آيو ته هر ڪاميٽي واري اجلاس ۾ پرويز خٽڪ عمران خان سان دوبدو ڇو ٿيندو هو؟

هينئر جڏهن عمران خان سرينگر هاءِ وي تي پهچندو ته عوام سان وري مخاطب ٿيندو ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر آءِ ايم ايف ڏانهن نه ويندو، عمران خان آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات جا واعدا ڪندي پوري قوم کي خوددار قوم بڻائڻ جو واعدو ڪندو. گورنر هائوس جون ڀتيون ڪيرائي عوام لاءِ کولي ڇڏيندو، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائي ڇڏيندو، وزيراعظم هائوس ۾ بيٺل قيمتي گاڏيون، سامان عوام لاءِ وڪرو ڪري ڇڏيندو، ڪنهن به آءِ جي کي سياسي دٻاءَ تحت تبديل نه ڪرڻ جو واعدو ڪندو اهي سڀ اعلان تبديلي ۽ نئين پاڪستان جي اعلان جي نعري هيٺ ڪيا ويندا، جڏهن انهن نعرن جي قول ۽ فعل جي تضاد واري سوال جو وقت ايندو تڏهن خبر ناهي عمران خان ان وقت ميڊيا سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندو.

ڊي چوڪ واري ڌرڻي دوران به حامد مير جي هلندڙ شو دوران پٿراءُ هر ڪنهن کي ياد آهي، عمران خان جي ڪنٽينر وارا ڏينهن به هر ڪنهن کي ياد آهن پر اهو وقت اهڙو هو جو عمران خان جي قول ۽ فعل جي تضاد وارو سوال موجود نه هو. گذريل ڏينهن ئي جڏهن عمران خان بيورو ڪريسي کي مخاطب ٿي چئي رهيو هو ته انهن جا خاندان به لانگ مارچ ۾ شامل ٿيندا تڏهن بيوروڪريسي  جي هڪ ميٽنگ ۾ بيورو ڪريٽس چئي رهيا هئا ته عمران خان بيورو ڪريسي بابت هڪ اجلاس به نه ڪيو، جنهن ڪري سوين بيورو ڪريٽس جا پروموشن ٿي نه سگھيا، ڪيترن ئي بيوروڪريٽس جا مستقبل تباهه ٿيا، ڪيترن بيورو ڪريٽس کي ته فواد حسن فواد جي گرفتاريءَ جھڙا واقعا به ياد آهن، ان جي گھر واري به ايئن عدالتن جا چڪر لڳايا جيئن قاضي فائز عيسيٰ جي گھر واري عدالتن کان ايف بي آر تائين حاضريون ڀريندي رهي. عمران خان ته پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس منهنجي مرضي نه هئي، هينئر عمران خان پنهنجن ڪارڪنن ۾ جڏهن تبديلي جا نعرا هڻائيندو تڏهن هر ڪنهن کي ياد هوندو ته عمران خان يوٽرن وٺڻ تي چيو هو ته جيڪو يوٽرن نه ٿو وٺي اهو وڏو ليڊر ٿي نٿو سگھي.

جيتوڻيڪ اهو سوال بحث جو موضوع ضرورو رهندو ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪهڙا نتيجا کڻي ايندو پر آصف زرداري کان ويندي شهبازشريف تائين اهو ضرورو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جي دٻاءَ ۾ اچي چونڊون جو اعلان ٿيو ته پوءِ اهو عمران خان جي حق ۾ فيصلو ٿيندو جنهن جو سياسي نقصان شهباز شريف جي اتحادي حڪومت کي ٿيندو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ مولانا فضل الرحمان جيڪو بار بار سپريم ڪورٽ سان مخاطب ٿي چوي ٿو ته عمران خان جي جلسن جي دٻاءَ ۾ فيصلن ڪرڻ وارو تاثر نه اچڻ کپي، اهو ساڳيو سوال شهباز شريف کان مولانا فضل الرحمان تائين ڪيو ويندو ته توهان ڇو عمران خان جي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو، تنهن ڪري حڪومت پهريان چونڊ سڌارا پوءِ چونڊ واري ڳالهه تي قائم رهندي.