لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وزير مونس الاهي چيو آهي ته والد پرويز الاهي ۽ هو عمران خان سان گڏ بيٺا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري وجاهت پارٽي ڇڏڻ ۽ مسلم ليگ ( ق ) ۾ واپسي جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مونس الاهي چيو ته هو چوڌري وجاهت حسين سان رابطي ۾ نه آهي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي ۽ هو تحريڪ انصاف جو حصو آهن، هو ٻئي عمران خان سان گڏ بيٺا آهن.