عمران خان جو حڪومت خلاف جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان

0
250

ميانوالي: عمران خان حڪومت خلاف جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت اسان کي جيلن کان ڇا ڊيڄاريندي، مان پاڻ جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ پيو وڃان

 پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته مريم نواز ڊيپ فيڪ وڊيوز ٺاهڻ جي ماهر آهي، آڊيو کي ٽوڙي مروڙي ڪوڙيون وڊيوز ٺاهڻ ڪو مسئلو ئي نه آهي، نون ليگ وارا چون ته اسان اهڙيون کوڙ ڊيپ فيڪ وڊيوز ٺاهي ڏيکاريون

 عمران خان جلسي دوران نواز شريف جي هڪ ڊيپ فيڪ وڊيو هلائي ڏيکاري، ھن چيو تھ چار ماڻھن مون کي مارڻ جو فيصلو ڪيو آھي، مون کي مارائڻ کانپوءِ چوندا تھ ڪنھن مذھبي جنوني شخص عمران کي ماري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

عمران خان جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ ناڪام بڻائڻو آهي: راڻا ثناءُ الله

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ھڪ وڌيڪ مبينا آڊيو وائرل