ڪراچي (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جي ڌرڻي دوران چيئرمين عمران خان تي حملي واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪورنگي، شاھراهه فيصل سميت 15 هنڌن تي ڌرڻا ھنيا، ملير ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن قائدآباد، گلشن حديد، قذافي ٽائون ۾  ڌرڻا هنيا، جنهن سبب ڪراچي ٺٽو قومي شاهراهه ٽن هنڌن تي  2 ڪلاڪن تائين بند رهيو، ڌرڻن کي ڊاڪٽر مسرور سيال، عمير شاهد ۽ ٻين خطاب ڪيو، حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، جن ڌار ڌار روڊن تي ٽائر ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جڏهن لطيف آباد يونٽ نمبر 8، 7 ۽ 9 وارن علائقن ۾ اڻڄاتل ماڻهن مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ پهچي شهرين کان زبردستي ڪاروبار بند ڪرايو، سکر ۾ به ديدار جتوئي، ذاڪر بنڌاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ملٽري روڊ بلاڪ ڪيو ويو، خيرپور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن گل احمد شاهه، آصف رند، دانيال ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، پنگريو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڪبر ليل، ذولفقار لغاري، سنيل ڪمار ۽ شاھنواز جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، نوشهروفيروز ۾ عامر بروھي، ارشاد ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺاروشاهه ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن واجد سومرو، رضوان خانزادو، سني خانزادو، عمران ھنڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن فيض محمد ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھدادپور ۾ پي ٽي ڪارڪنن ڪاشف امين، منوچر گجر، راڻا ماجد باغي، مرتضيٰ جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، کپرو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن آغا احمد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڊگهڙي ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن رخسانا علي شي قائمخاني جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عمران خان تي حملو گهري سازش آهي، ملوث ماڻهن کي وائکو ڪيو وڃي.