عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ ڪارروائي کان بچي ويو، معافي قبول: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شوڪاز نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

0
238
عورت جج کي ڌمڪيون
عورت جج کي ڌمڪيون: عمران خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ لارجر بينچ قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج زيبا چوڌري بابت ڏنل بيان تي عمران خان جي معافي قبول ڪندي سندس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي منجهند اڍائي وڳي مقرر هئي پر عمران خان ڪجهه منٽن جي دير سان پهتو، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪئي

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته اسان حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان حلفي بيان ڏٺو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله عمران خان خلاف توهين عدالت جو نوٽيس ڊسچارج ڪندي رمارڪس ڏنا ته عمران خان جو حلفي بيان ڏٺو آهي، عمران خان جي ڪنڊڪٽ مان مطمئن آهيون، هن نيڪ نيتي ثابت ڪئي ۽ معافي گهرڻ لاءِ جج وٽ ويو

 عدالتي مددگار ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان اعتراض واريندي چيو ته عمران خان حلفي بيان ۾ غير مشروط معافي نه گهري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان پنهنجي درخواست لکت ۾ پيش ڪيو، اسان تفصيلي فيصلي ۾ ان کي شامل ڪري ڇڏينداسين. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان عدالت ۾ جمع ڪرايل حلف نامي ۾ غير مشروط معافي ناهي ورتي. هن چيو ته توهين عدالت بابت سپريم ڪورٽ جا فيصلا آهن

  هن مسلم ليگ ن جي اڳواڻن دانيال عزير ۽ طلال چوڌري جي ڪيسن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انهن فيصلن تي عملدرآمد جي پابند آهي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان انهن فيصلن جي حمايت ڪندا آهيو ڇو ته عمران خان جي رويي مان ظاهر آهي ته هن معافي گهري ورتي آهي. عامر رحمان چيو ته هو ان حوالي سان ڪجهه وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي عدالت چيو ته توهان دستاويز جمع ڪرايو، تفصيلي فيصلي ۾ ان جو ذڪر ڪنداسين