اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته عمران خان 23 سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿئي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي چارسدا جلسي تي ڪالهه طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو، جنهن تي کيس ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.