عمران خان ۽ سندس حڪومت ۽ ان جي ڪاميابين يا ناڪامين تي گھڻو ڪجھه لکيو ويو آھي اڳتي به لکبو. ھو سياست ۾ ڪيئن آيو ۽ ڪيئن ھو مقتدر حلقن جو لاڏلو ٿيو اھو سڀ لقاءُ اسان پنھنجين اکين سان ڏٺو ۽ پسيو.
ھو 1992ع جي ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي فاتح ٽيم جو ڪپتان ھو. ھو منھنجو به ھيرو ھو. مون اھو ورلڊڪپ رمضان جي مھيني ۾ ڏاڏا مرحوم جي گھر موجود ٽي وي تي پنھنجن سوٽن ماساتن سان گڏ وڏي شوق سان ڏٺو ھو.
ننڍي ھوندي کان ئي ڪرڪيٽ سان چاھه ھجڻ ۽ وري ورلڊڪپ جو کٽڻ ۽ ان ٽيم جو وري عمران خان جو ڪپتان ھجڻ، اھي سڀ يادون کنيو ھلياسين پئي ته 1999ع ھو يا 2000ع هو اسانجي ڳوٺ به آيو ۽ مون پي ٽي آئي، جيڪا 1996 ۾ وجود ۾ آئي هئي ان ۾ باقائدي پنج رپيه في ڀري ان جي ميمبرشپ ورتي ۽ ھڪ ڪارڊ به مليو.
ويھن سالن جي ڄمار ۾ ھڪ آئيڊيل ليڊر منھنجي سامھون ھو.
وقت سان گڏ انسان جون سوچون بدلجن ٿيون پر خواب ھميشه ترقي يافته ملڪ جو، صوبي جو يا پنھنجي علائقي جو ھجي ٿو ۽ آئون به انھن لکين ماڻھن مان ھوندس جن ھڪ ترقي يافته پاڪستان ڏسڻ جي خواھش ڪئي ھوندي ۽ اھو خواب بلڪل ساڀيان ٿي سگھي ٿو جي اسان وٽ اھل حڪمران ھجن، جمھوريت ھجي ۽ سڀ ادارا پنھنجي پنھنجي آئيني ڪردار تي عمل پيرا ھجن.
پر بدقسمتي چئجي جو گذريل 75 سالن کان اسان جيڪو حشر سياست ۽ جمھوريت سان ٿيندي ڏٺو آھي، ھاڻ ته اهو سڀ ڪجھه ھڪ خواب ئي لڳي ٿو. پر جيئن ته ھڪ جمھوريت پسند ھميشه مثبت سوچي ٿو ۽ آئون به ان خواب جي تعبير اڄ نه ته سڀاڻي ٿيندي ڏسان ٿو.
عمران خان شروع کان ئي ھڪ ھٺ ڌرم ۽ هوڏي ڪردار رھيو آھي ۽ ھن جي منزل شروع کان ئي اقتدار جي رھي آھي ۽ منھنجي خيال ۾ ھر سياستدان ڪنھن نه ڪنھن طرح سان اقتدار جي حاصلات لاءِ ئي سياست ۾ اچي ٿو ۽ اھو ئي طريقو آھي حڪمرانيءَ جو ۽ آئون ان ۾ عيب نٿو سمجھان.
عمران خان به ان واٽ تي ھلندي مختلف چونڊن ۾ حصو ورتو. 2002ع ۾ ھڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيو، 2008ع ۾ بائيڪاٽ ڪيائين ۽ 2013ع ۾ سندس جماعت پي ٽي آئي 27 سيٽون کٽي ٽئي نمبر تي اچي وئي ۽ خيبر پخوتنخوا جي صوبائي حڪومت به سندس حصي ۾ آئي.
ھن اليڪشن کي پھرين ڏينھن کان ئي تڪراري ٺاھيو ۽ سندس 35 پنڪچر وارو راڳ مسلسل ھلندو رھيو ۽ 2014ع ۾ نيٺ ايمپائر جي آڱر جي آسري تي اچي اسلام آباد ڪڙڪيو ۽ 126 ڏينھن جو احتجاج ڪيائين نيٺ ان جو انت پشاور جي هڪ اسڪول تي دھشتگرد حملي سان ٿيو.
ان سڄي عرصي دوران نواز ليگ جي حڪومت کي ڊاھڻ لاءِ وسان نه گھٽايائين جو سندس مڃڻ ھو ته وزيراعظم صرف ھو ئي ٿي سگھي ٿو. آخر نيٺ 2018 ع جون چونڊون ٿيون ۽ ايمپائر پنھنجي آڱر سندس حق ۾ کنئي. پروجيڪٽ عمران 149 سيٽون کڻي اڪثريت ۾ آيو ۽ نه صرف وفاق، پر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا به سندس حصي ۾ آيا.
ان کان پھرين جو آئون عمران پروجيڪٽ ۽ سندس ٻين عملن تي ڳالھايان اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته مون 2013ع جي اليڪشن ۽ 2018ع جي اليڪشن ۾ پي ٽي آئي کي ئي سپورٽ ڪيو ۽ ان سان ئي ھمدردري رکيم.
عمران جا ڪيل واعدا ۽ وڏيون دعوائون ئي اڄ سندس پويان لڳل آھن، ھن جا ڏيکاريل وڏا خواب ئي سندس اقتداري دور ۾ سندس ناڪامي جا معيار آھن.
ھو جيئن ته تبديلي ۽ نئين پاڪستان جي نعري سان ۽ ايمپائر جي آڱر سان حڪومت ۾ آيو ھو ته اسان سڀ ان اميد ۾ ھئاسين ته ھو جيڪو چئي ٿو سو ڪندو ۽ ھاڻ پاڪستان جي قسمت بدلجي ويندي، پاڪستان دنيا ۾ سرخرو ٿيندو، اسانجو پاسپورٽ دنيا ۾ عزت سان ڏٺو ويندو ۽ اسين ڪرپشن کان پاڪ ۽ مھذب ملڪ سڏباسين پر اھي خواب، اھي خيال، اھي خواھشون انھن ٺلھن کوکلن نعرن کان سواءِ ڪجھه نه ھيون جيڪي اسان روز پنھنجي ٽي وي اسڪرين تي ڏسندا ھئاسين.
وقت گذرندو رھيو ھن جي صرف ھڪ ئي ايجنڊا رھي ته ڪيئن به ڪري مخالفن کي پنھنجي ھمنوا جي مدد سان ملڪ بدر يا جيلن ۾ رکي جيئن پاڻ اڪيلو گرائونڊ ۾ ڊوڙون پائي ۽ فاتح نظر اچي ۽ ان سڄي ويڙھه ۾ ھو انھن سان به وڙھي ويٺو جن ھن کي ان عھدي تي پھچايو.ان سڄي عرصي ۾ نئون پاڪستان ڪٿي گم ٿي ويو ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال اھڙي وڃي بيٺي جو کيس وٺي اچڻ وارا اھو بار برداشت نه ڪري سگھيا ۽ نيٺ خاموشي اختيار ڪرڻ جو چئي ھن کان پاسيرا ٿي ويا.
ھي جيڪو ڪنھن لٺ جي آسري تي بيٺل ھو ان جي ڦرجڻ کانپوءِ ۽ سندس ھٺ ڌرمي طبيعت جي ڪري نيٺ حڪومت وڃائي ويٺو.ان سڄي ڊرامي ۾ سندس آئين مخالف ڪردار کيس ھميشه جي لاءِ ھڪ ولين جو ڪردار ڏئي ڇڏيو آھي ۽ ھو جمھوريت پسند ماڻھن وٽ ھڪ آئين ٽوڙيندڙ، ضدي ۽ نفسياتي مريض سمجھيو ويندو.
نئين پاڪستان جي ناڪامي ۽ ان سڄي ھار کي لڪائڻ لاءِ اڄ ھو اسانجي عوام ۽ خاص ڪري نوجوانن کي وري ھڪ نئون خواب آزاد پاڪستان جي نالي ۾ وڪڻي ٿو ۽ اھو وکر وڪامجي به پيو، جو اسان وٽ نعرا ھڻڻ وارا، ماڻھن جي نفسيات سان کيڏڻ وارا پنھنجي مخصوص ۽ ناجائز مفادن لاءِ ھميشه عوام کي ئي استعمال ڪندا رھيا آھن.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ھو مڪاري ۽ چالاڪي سان وري به ان ناسمجھه مخلوق جو ھيرو آھي جن کي لڳي ٿو ته ھن سان زيادتي ٿي آھي ۽ هو اڄ به سندس ھر ڳالھه تي لبيڪ چون ٿا. ھو جيڪو ھر ٻئي ڏينھن يوٽرن وٺي ٿو پر سندس اکيون پوريل ۽ ڪنن ۾ ڪپھه وجهي ويٺل ڪارڪن هر ڳالھه تي سندس ھمنوا ھجن ٿا.
ھاڻ سوال اھو ٿو رھي ته ڇا مقتدر حلقا جن جي ھن تي نظر ڪرم ھئي اھي اڄ به ھن کي گڏ رکن ٿا ۽ سندن آڱر اڄ به ھن جي حق ۾ کڄي ٿي؟ جيڪڏهن ان سوال جو جواب ها ۾ آهي ته پوءِ ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو وري ھي پراجيڪٽ نازل ٿيندو ۽ ان جو نتيجي ۾ پاڻ وٽ جيڪا لولي لنگڙي جمھوريت آهي اها وڌيڪ ڪمزور ٿيندي.
اڪثريتي عوام کي ھاڻ عمران جي نئين پاڪستان ۽ آزاد پاڪستان جي نعرن تي اعتبار ناهي رھيو ۽ سڀ سمجھن ٿا ته ھو ھڪ ناڪام سياستدان آھي.
ھو ھڪ آئين ٽوڙيندڙ ۽ سازشي ڪردار آھي ۽ سندس ڪوڙ ھاڻ پڌري پٽ پيا آھن.
جڏھن آئون عمران تي لکان ٿو ته سندس سنڌ لاءِ ڪردار تي نه لکڻ پڙھندڙن سان زيادتي ٿيندي. ھو سنڌين کي ڄٽ ۽ ھر سنڌي کي سندس دشمن سمجھي ٿو ھن سنڌ ۾ صرف ڪراچي کي پنهنجي سياست جو محور ٺاھيو. ان جي باوجود به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھزارين نوجوان اڄ به هن جي ڪوڙ کي لبيڪ ڪن ٿا ھو اڄ به گھڻن جي اميد آھي.
ھو جڏھن حڪومت ۾ ھو ته ھڪ رات به سنڌ ۾ نه گذاري ۽ چار سالن ۾ ذڪر ڪرڻ جهڙو ڪوبه پروجيڪٽ نه ڏئي سگھيو. پوري سنڌ ته پري رھي پر ڪراچي جتان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون ڪيتريون ئي سيٽون ايمپائر جي مھرباني سان کٽيائين اتي به ڪو سٺو ڪم نه ڪري سگھيو.
ترقي ته پوري پاڪستان ۾ سندس دور ۾ ڪٿي به نظر نه آئي پر سنڌ سان سندس بغض ھر وقت ظاھر رھيو ۽ اڄ به جڏھن ھو نئين پاڪستان کان آزاد پاڪستان جو سفر ڪري ٿو تڏھن به سنڌ سندس ايجنڊا ۾ شامل ڪونھي.
سنڌي ھميشه ھڪ متبادل قيادت ڏانھن ڏسن ٿا پر ڪنھن به ريت پي ٽي آئي ۽ عمران خان سنڌين لاءِ متبادل نٿا ٿي سگھن جو سندس بغض ۽ سنڌين ڏانھن رويو ڏاڍو خراب رھيو آھي ان جو ئي سبب آھي جو پوري سنڌ ۾ ڪراچي کان علاوه پي ٽي آئي ڪٿي به نظر نٿي اچي.
منھنجي نظر ۾ جيئن عمران جي ايجنڊا ۾ سنڌ ڪونھي ايئن ئي سنڌين وٽ عمران سندن متبادل ڪونھي.