عمران خان، بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آءِ جي 600 کان وڌيڪ اڳواڻن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل

0
193
اڳواڻن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل
عمران خان، بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آءِ جي 600 کان وڌيڪ اڳواڻن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن جا نالا نوفلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن

ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار 9 مئي تي باهه ۽ گهيرو ڪرڻ جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ اڳوڻي ايم اين ايز ۽ پي ٽي آءِ جي عهديدارن جا نالا نوفلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي جي صوبائي قومي سڃاڻپ لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ شامل ڪيا ويا آهن

ذريعن موجب عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو نالو به نوفلائي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

انهن کان علاوه مراد سعيد، ملاڪا بخاري، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر، ياسمين راشد ۽ ميان اسلم اقبال کي به نوفلائي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 3 ڏينهن ۾ ڪجهه عهديدارن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۽ عهديدارن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ايئرپورٽس تي روڪيو ويو. انهيءَ کان علاوه انهن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ انهن جا نالا پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن موڪليا هئا