اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جن اڪائونٽن کي پي ٽي آءِ جا  اڪائونٽ تسليم ڪرڻ کان پي ٽي آءِ پاران انڪار ڪيو ويو، انهن اڻ ڄاڻايل اڪائونٽن مان هڪ اڪائونٽ پي ٽي آءِ جو صدر ميان محمود الرشيد هلائي رهيو هو، ان اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 61 لک 82 هزار رپيا ڪڍرايا ويا، جڏهن ته ان اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 3 لک 72 هزار رپيا موجود هئا، ٻيو اڪائونٽ پي ٽي آءِ پنجاب جو جنرل سيڪريٽري ميان محمد فاروق هلائي رهيو هو، ان اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 50 لک رپيا ڪڍرايا ويا، جڏهن ته اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 51 لک رپيا موجود هئا، هڪ اڪائونٽ پي ٽي آءِ فيڊرل ڪيپيٽل جي عنوان سان هلي رهيو هو، اڪائونٽ کولڻ جا ڊاڪيومينٽ موجود ناهن، ان اڪائونٽ مان 11 لک رپيا ڪڍرايا ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ پشاور جي صدر جي حيثيت سان اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر هلائي رهيو هو، جنهن اڪائونٽ مان 21 لک ڪڍرايا ويا، جڏهن ته 21 لک 27 هزار رپيا ان اڪائونٽ ۾ موجود هئا، پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر عمران اسماعيل به ثمر علي خان ۽ نجيب هارون سان گڏ هڪ اڪائونٽ هلائي رهيو هو، جنهن اڪائونٽ مان 76 لک 67 هزار رپيا ڪڍرايا ويا ۽ ان اڪائونٽ ۾ 92 لک 15 هزار رپيا موجود هئا، هڪ ٻيو اڪائونٽ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر عمران اسماعيل ۽ مٿي ڄاڻايل نالن سان گڏ هلي رهيو هو، جنهن جو عنوان پي ٽي آءِ سنڌ پي ايس 113 هو، ان اڪائونٽ مان 3 ڪروڙ 94 لک ڪڍرايا ويا ۽ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم موجود هئي، پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي جي صدر طور اسد قيصر، محمد اشفاق ۽ محسن ودود سان گڏ هڪ وڌيڪ اڪائونٽ به هلائي رهيو هو، پي ٽي آءِ وومين ونگ جي سيما ضياء جي نالي سان به اڪائونٽ هو، صدر پي ٽي آءِ بلوچستان قاسم سوري جي نالي سان به اڪائونٽ هلي رهيو هو، جنهن مان 53 لک ڪڍرايا ويا، 55 لک موجود هئا، ان کانسواءِ فيصلي ۾ جيڪي اڪائونٽ پي ٽي آءِ پاران ظاهر نه ڪيا ويا انهن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته حبيب بينڪ ۾ عمران خان جي درخواست تي اڪائونٽ کوليو ويو، جنهن اڪائونٽ کي هلائيندڙ ۽ صحيح ڪندڙ عمران خان هو ان اڪائونٽ ۾ 51 هزار 750 ڊالر جمع ٿيا ۽ اوترائي ڪڍرايا ويا، ساڳئي بينڪ ۾ هڪ ٻيو اڪائونٽ به کوليو ويو، جنهن مان 8 ڪروڙ 41 لک رپيا ڪڍرايا ويا ۽ 8 ڪروڙ 68 لک رپيا جمع ڪرايا ويا، فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪي پي ٽي آءِ پاران پارٽي اڪائونٽ ڊڪليئر ڪيا ويا ۽ انهن اڪائونٽن جيڪي اڪائونٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو انهن ٻنهي نوعيت جي اڪائونٽن ۾ به هڪ کان ٻئي اڪائونٽ ۾ ٽرانزيڪشن ٿيون آهن، رڪارڊ مطابق پي ٽي آءِ پاران حبيب بينڪ اسلام آباد ۾ کليل اڪائونٽ جيڪو ڊڪليئر نه ڪيو ويو ان ۾ هڪ ڪروڙ 19 لک 16 هزار رپيا  پي ٽي آءِ جي ڊڪليئرڊ اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿيا، جڏهن ته مجموعي طور تي جن اڪائونٽن کي قبولڻ کان انڪار ڪيو ويو انهن اڪائونٽن مان جولاءِ 2009ع کان جون 2013ع تائين  13 اڪائونٽن ۾ مجموعي طور 21 ڪروڙ 57 لک 87 هزار 718 رپيا جمع ٿيا ۽ 19 ڪروڙ 79 لک 57 هزار  814 رپيا ڪڍرايا ويا.