اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم جي اڳواڻي ۾ عمران خان تي حملي جي آيف آءِ آر داخل نه ٿيڻ، اعظم سواتي جي وڊيو ليڪ ۽ صحافي ارشد شريف جي قتل خلاف پي ٽي آءِ جي سينيٽرن سينيٽ کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ شبلي فراز، فيصل جاويد، اعظم سواتي، اعجاز چوڌري ۽ ٻيا به موجود هئا، اڳواڻن چيو ته سينيٽ جي ايوان جا ميمبر انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ جي سامهون بيٺا آهن، قانون جو ٻٽو معيار ڇو آهي؟ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ عمران خان جو بنيادي حق آهي، 26 نومبر تي هن قوم جي تاريخ بدلجڻ واري آهي.