اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻن عمران خان مٿان شديد تنقيد ڪئي آهي، ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان هر شئي جو الزام مخالفن تي لڳائيندو آهي، عمران خان آئين ٽوڙيندڙ آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار اها جاچ ڪرائي ته پرڏيهي شهرين عمران خان کي پئسا ڇو ڏنا، ڪهڙي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا ويا؟ هن چيو ته عمران خان حسن بن صبحاح ۽ پي ٽي آءِ پاڪستان جي آر ايس ايس آهي،

حسن بن صبحاح ناليوارن عالمن کي قتل ڪرائيندو هو، هن چيو ته عمران خان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪري ڏيکاري، اسان اسلام آباد جو پوري طاقت سان تحفظ ڪنداسين. رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ذريعي سي پيڪ منصوبي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمران خان ڀارتي شهرين کان به فنڊ وٺندو رهيو، عمران خان هٽلر جو پيروڪار آهي، پهرين اپريل تي پاڪستان جو خزانو خالي ٿي چڪو هو، عمران خان خيرات جي پيسن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو،

وزيراعظم جي خصوصي معاون عطا تارڙ چيو ته عمران خان منافقت جي سياست جو چيمپيئن آهي، 8 سالن کان پوءِ فيصلو اچڻ تي به فواد چوري چوي ٿو ته فيصلو تڪڙ ۾ ٻڌايو ويو آهي، هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته روميتا شيٽي ۽ چرن جيت سنگهه ڪير آهن؟ ان فنڊنگ جا پيرا ڪشمير سان به ملن ٿا، عمران خان فنڊ وٺي ڪشمير تي سودو ڪيو.