اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گهر بني گالا جي جاسوسي لاءِ ڊيوائس لڳائيندي ملازم  کي پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، اڳوڻي وزير اعظم جي چيف آف اسٽاف شهباز گل ڊيوائس لڳائيندي سوگهو ڪيل ملازم کي ميڊيا سامهون پيش ڪندي ٻڌايو ته جاسوسي لاءِ ڊيوائس لڳائيندي ملازم کي پڪڙيو ويو آھي، ملازم جي عمر 23 سال آھي جيڪو 6 سالن کان ڪم ڪري رهيو هيو، ملازم جي جان کي خطرو آھي عمران خان کيس معاف ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته ملازم کي استعمال ڪندڙن لاءِ پيغام آھي ته گهرن جي تقدس کي پائمال نه ڪيو وڃي، سوگهو ڪيل ملازم ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊيوائس لڳائڻ کان اڳ پڪڙيو ويس، معاف ڪرڻ تي عمران خان جو شڪرگذار آھيان، مونکان غلطي ٿي وئي آھي.