لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته حڪومت عوام کي ٻڌائي ته عمران خان جي گرفتاري ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟ هڪ بيان ۾ جاويد لطيف چيو ته 8 مهينن ۾ جيڪو لڪايو ويو اهو ملڪ جي مفاد ۾ سامهون اچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي اڃا به سهولت ڏني پئي وڃي ته موجوده حڪومت کي سچ ڳالهائڻ گهرجي، عمران خان جي خواهش موجب 6 ڪلاڪن ۾ فيصلا اچي رهيا آهن، نواز شريف جا ڪيس 6 سالن کان ٻڌا به نه ٿا وڃن.