اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جو خط سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو،  اهو خط قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ،  سپريم ڪورٽ ۾ خط جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اسان اهڙي درخواست چيف جسٽس آفيس ۾ جمع ڪرائي آهي، اميد آهي ته چيف جسٽس صاحب ان مامري کي ڏسندو، هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته هي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، هي هاءِ ڪورٽن جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، هن وقت واحد ادارو نظر اچي رهيو آهي جيڪو اسان کي انصاف ڏيندو