اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي ليگل ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتي ۽ توشا خانه ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ خلاف درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ وارنٽ رد ڪرڻ ۽ اڄ ئي ٻڌڻي جي اپيل ڪئي وئي پر رجسٽرار آفيس عمران خان جي درخواست تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيو. رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو ته عمران خان جي بائيو ميٽرڪ ناهي ڪرائي وئي. جڏهن ته عدالت عمران جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري اڄ ئي (ڪالهه) ٻڌڻي ڪرڻ جي استدعا رد ڪئي، عدالت درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي، رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ ينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد توشا خانه ڪيس ۾ عمران جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.