اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي صورت ۾ پارٽي جا معاملا هلائڻ لاءِ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سينيئر عهديدارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪاميٽي ۾ شاهه محمود قريشي، سيف الله خان نيازي، اعظم سواتي، اعجاز چوڌري، مراد سعيد ۽ علي امين گنڊاپور شامل آهن، جڏهن ته اسد عمر، فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ پرويز الاهي کي ان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي معاملن جي ڪاميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ تي پرويز الاهي ڪاوڙجي پيو آهي. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز جو چوڻ هو ته عمران خان جي گرفتاري جي صورت ۾ ٻئي ۽ ٽئين قيادت جو پلان جوڙيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سموري صورتحال اوهان سامهون اچي ويندي.