لاهور (م ڊ) لاهور جي عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. لاهور جي سيشن عدالت اسلام آباد پوليس کي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري ڪيس ۾ حسان نيازي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪندي جاچ آفيسر کي اڳڀرائي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوليس تشدد ۽ باهه ڏيڻ جي الزام ۾ حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت حسان نيازي جي 8 اپريل تائين ضمانت منظور ڪندي ڪيس ۾ جوابدار کان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.