پاڪپتن (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پاڪپتن ۾ حضرت بابا فريدالدين گنج شڪر جي مزار تي حاضري لاءِ پهتو ته کيس ڏسي ماڻهن ”غدار غدار ۽ چور چور“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. عمران خان پاڪپتن ۾ حضرت بابا فريدالدين گنج شڪر جي مزار تي حاضري لاءِ پهتو، جتي اڳوڻي وزيراعظم کي ڏسي عوام مڇرجي پيو. ماڻهن عمران خان جو گهيرو ڪري ورتو ۽ ”چور چور ۽ غدار غدار“ جا نعرا هنيا، اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي رهيون آهن.