اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ميجر جنرل فيصل نصير سان رابطو ڪرائڻ جي درخواست ڪئي، مون چيو ته منهنجو جنرل فيصل نصير کي نه سڃاڻان ۽ نه ئي واسطو اٿس. منهنجي جاچ ڪرائي وٺو. چيائين ته ڪوشش ڪريو. مون وري به انڪار ڪيو ته هو نظر آيو ته ڪاوڙجي ويو آهي. عمران ان بعد وري منهنجو نالو ورتو. مون کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. مون پرويز مشرف کي به منهن ڏنو  عمران ان کان وڏو بدمعاش نه آهي ان کي به منهن ڏئي ويندس. هن چيو ته مون کي جوابدار نويد جي وڊيو پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت مان هڪ اڳواڻ اماڻي هئي.