گجرانوالا (م ڊ) وزيراعظم جي خصوصي معاون عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان جي هيليڪاپٽر کي غيرقانوني طور اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، گجرانوالا ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته اسلام آباد ۾ لانگ مارچ دوران ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي تي تحريڪ انصاف خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته گهڙي چوري جي جاچ هلي رهي آهي، عمران خان کي حساب ڏيڻو پوندو، فرح گوگي جي گرفتاري وارنٽ لاءِ رانا ثناءُ الله کي درخواست ڏني آهي، فرح گوگي جيل ويندي ته سڀ ڪجهه ٻڌائيندي ته ڪهڙا ڪهڙا تحفا هئا