اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي فوري معطل ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي ميانوالي سيٽ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان بئرسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر سوال ڪيو ته اوهان واڌو دستاويز جمع ڪرائڻ جي ڪا درخواست جمع ڪرائي آهي ڇا؟ جنهن تي علي ظفر ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جمع ڪرائڻ واري درخواست ڏني آهي، عمران خان کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل قرار ڏئي ڊي سيٽ ڪيو ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي ريفرنس اسپيڪر طرفان آيو هو؟ وڪيل چيو ته ها، هي ريفرنس اسپيڪر طرفان موڪليو ويو هو جنهن تي نااهلي جو فيصلو ٻڌايو ويو، اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس تي پنهنجي فائنڊنگز ڏيڻي هوندي آهي، اليڪشن ڪميشن جي سوالن جو جواب 90 ڏينهن اندر ڏيڻو هوندو آهي، جيڪڏهن 120 ڏينهن اندر گوشوارا جمع نه ڪرايا وڃن يا غلط معلومات ڏني وڃي ته ان ميمبر کي ڪرپٽ پريڪٽس جو مرتڪب قرار ڏنو ويندو آهي، ڪوڙو بيان، غلط معلومات ڏيڻ جي سزا قانون ۾ ٽي سال تائين قيد ۽ ڏنڊ آهي، ان ۾ نااهلي جي سزا نه آهي.عمران خان جي وڪيل استدعا ڪئي ته سندس اصيل جي نااهلي وارو فيصلو معطل  ڪيو وڃي ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل نه پيا ڪريون، ڪميشن کي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪيون ٿا. جنهن بعد عدالت ميانوالي واري سيٽ تي اليڪشن ڪميشن کي ننڍ چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو .