اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف اڳ ۾ ڪو به حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل واري ڏينهن به پهچي وينداسين، ڪنهن به سياسي ليڊر اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنگين نتيجا نڪرندا، ڪنهن جي به طرفان قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان مداخلت ڪنداسين، چيف جسٽس عمر عطا بنديال لانگ مارچ جي اعلان تي عمران خلاف حڪومت پاران داخل ڪيل توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا، چيف جسٽس چيو ته آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميواري آهي، اسان جو ڪم توازن رکڻ آهي، احتجاج جو حق به اُن سان مشروط آهي، عدالت عمران خان جي پراڻن احتجاجن بابت ايجنسيز جون جمع ڪرايل رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران۾ اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته گهرو وزارت عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏني آهي، عمران خان اسلام آباد تي ڪاهه کي جهاد قرار ڏئي رهيو آهي، هو تعليمي ادارن ۾ وڃي رهيو آهي، ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري.چيف جسٽس چيو توهان چئي رهيا آهيو ته عدالت کي ڪرايل خاطري جي ڀڃڪڙي ٿي؟ توهان چئي رهيا آهيو ته ٻيهر لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو پلان آهي، توهان قانون موجب صورتحال کي منهن ڏئي سگهو ٿا، آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميواري آهي، انتظاميا پنهنجو پاڻ کي صورتحال لاءِ مڪمل تيار رکي، جڏهن هجوم ايندو ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته پوءِ ئي اسان مداخلت ڪنداسين، سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان عمران خان خلاف عبوري حڪم جاري ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي ٻڌڻي ايندڙ اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.