اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته عمران خان جي قتل جي سازش جا پيرا هاڻي اسلام آباد کان پوءِ لنڊن سان به ملن ٿا، پاڪستان ۾ ان سازش جي نگراني ڪندڙ ڪردارن جو نالو ايف آءِ آر ۾ نه ٿو وٺي سگهجي، هن چيو ته شهباز شريف، رانا ثناءُ الله ۽ ميجر جنرل فيصل جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي؟ صدر هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آهي ان کي سرعام ڌمڪيون ڏنيون ويون، سڄي مامري ۾ واقعي ڪجهه پريشان ڪندڙ سوال اٿن ٿا.