اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت عمران خان جي درخواست رد ڪندي گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن، اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت پي ٽي آءِ سربراهه جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا، 10 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته عمران خان پنهنجا حق وڃائي چڪو آهي، عمران خان لاءِ سيشن ڪورٽ اڳيان سرينڊر ڪرڻ لازمي آهي، عمران خان لاهور ۾ جيڪا صورتحال پيدا ڪئي، اُها ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳي ناهي، عمران خان رياست جي تقدس ۽ رِٽ کي چيلنج ڪيو آهي، اهو مذاق ناهي جو قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ بعد رڳو انڊرٽيڪنگ جمع ڪرائي، وارنٽ جوابدار جي پيشي تي رد ٿيندا آهن، پر عمران خان عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، عدالتي ڪاررواين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي عمران خان کي ذاتي طور پيش ٿيڻو پوندو، عدالت اِن نتيجي تي پهتي آهي ته درخواست قانون ۽ حقيقتن جي اُبتڙ آهي، عدالت وارنٽ رد ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست رد ڪري ٿي، عمران خان کي گرفتار ڪري 18 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ويو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج ظفر اقبال فيصلو ٻڌايو، ايڊيشنل سيشن جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اميد آهي ته تفصيلي فيصلو پڙهي مزو ايندو، قانون جي هر رخ کي درخواست تي فيصلو جاري ڪندي ڏٺو ويو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانون موجب فيصلو ڪرڻ جو اختيار سيشن عدالت کي ڏنو آهي، لا اينڊ آرڊر جي صورتحال ڏسندي عمران پنهنجا حق وڃائي چڪو آهي، قانون ڪمزور ۽ طاقتور سڀني لاءِ برابر آهي، آءِ جي اسلام آباد زخمي پوليس آفيسرن جي فهرست عدالت کي فراهم ڪئي آهي، آءِ جي اسلام آباد پوليس کي پيش آيل مزاحمت جون تصويرون به عدالت کي فراهم ڪيون، عمران جي رويي جي روشني ۾ وارنٽ رڳو انڊر ٽيڪنگ جي بنياد تي خارج نٿا ڪري سگهجن، عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته عمران جي درخواست قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، سندس درخواست رد ڪجي ٿي. ٻڌڻي دوران عمران جي وڪيل خواجه حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وارنٽ برقرار رکڻ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو، عدالت چيو ته عمران ڪٿي آهي؟ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو آهي؟ انڊر ٽيڪنگ ڪانسيپٽ ڪٿي آهي؟. وڪيل چيو ته ڇا اهو ضروري آهي ته عمران کي گرفتار ڪري ئي عدالت آندو وڃي؟ معزز جج رمارڪس ڏنا ته عمران عدالت اچي، ڇو نٿو اچي، قانون موجب عمران کي پوليس کي اسسٽ ڪرڻو آهي رزسٽ ناهي ڪرڻو، وارنٽ عمران جي ذاتي حيثيت ۾ پيشي لاءِ آهن. وڪيل چيو ته عمران پاڻ چوي ٿو ته عدالت اچڻ چاهيان ٿو، 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيندو، گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن. جج سوال ڪيو ته لاهور زمان پارڪ ۾ صورتحال ڇو خراب آهي، پاڪستان جو ئي نه پر دنيا جو سڀ کان مهانگو وارنٽ عمران خان جو بڻجي چڪو آهي، حڪومت ڪروڙين رپيا ان وارنٽ تي لڳايا آهن، قانون موجب عمران کي سڌو عدالت آڻڻو هو، غريب ملڪ آهي ڪروڙين رپيا وارنٽ تي خرچ ٿيا جنهن جي ضرورت نه هئي، عمران پاڻ سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ڏيون ٿا ته عمران کي گرفتار نه ڪري. عدالت چيو ته مزاحمت ڇو ڪئي؟ وڌ ۾ وڌ پرامن احتجاج ڪريو ها، ايئن ناهي ته وارنٽ جي تاريخ 18 مارچ آهي ۽ پوليس هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي. جج چيو ته عمران حاضر ٿئي پوءِ عدالت ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي، عمران پيش نه ٿي معاملو پيچيده بڻايو، عدالت نٿي چاهي ته عمران جي جان کي خطرو هجي ۽ اچي، عدالت تعاون ڪرڻ چاهي ٿي پر قانون جون ڪجهه گهرجون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي به پوئيواري ڪرڻي پوندي آهي. جج رمارڪس ڏنا ته عمران پاران مزاحمت عجيب آهي، جهيڙو ويڙهه نه ٿيڻ گهرجي، ليگل ٽيم کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻڌائڻ گهرجي ته قانون سان سهڪار ڪرڻو پوندو آهي مزاحمت نه، عدالت اليڪشن ڪميشن کي به طلب ڪيو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ آءِ جي اسلام آباد به پيش ٿيو،  آءِ جي اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس جي ڪنهن به نمائندي کي عمران سان ملڻ نه ڏنو ويو، پوليس تي پيٽرول بم حملا ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڪوئي ايم پي اي به ٻه ٽئي هزار ڪارڪن وٺي اچي اشتعال پيدا ڪري سگهي ٿو، ڪنهن جوابدار جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ان کي رد ڪرڻ جي درخواست ناهي ٻڌي، توشا خانه ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، عمران هر هر رليف گهري رهيو آهي.