لاهور (م ڊ) عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي حوالي سان توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. عمرا ن خان خلا ف جوڊيشل ڪمپليڪس تي پيشي جي موقعي تي حملي جو ڪيس دهشتگردي جي قلمن سميت ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ عمران خان سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ فواد چوڌري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪئي.