لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تقريرن ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پيمرا جي پابندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جون تقريرون ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پيمرا جي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ حڪم لاءِ ڪيس التوا هيٺ رکي ڇڏيو هو. درخواست تي وڪيل پيمرا جو موقف هو ته هي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ اچي ٿي، ان کان اڳ اهڙي قسم جو ڪيس سومر تي پنج رڪني بئنچ ٻڌي چڪي آهي، هن درخواست کي به پنج رڪني لارجر بئنچ ڏانهن اُماڻيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا معاملو فُل بئنچ ڏانهن ٻڌڻي لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.