ڪراچي/لاهور/پشاور/اسلام آباد (نمائندن وٽان + م ڊ ) ضمني چونڊن ۾ عمران جي بيانيي جي فتح، 7 مان 6 تڪن ۾ ڪامياب، عابد شير، بلور ۽ ايمل ولي کي شڪست، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ، پ پ کٽي وئي. پنجاب جي صوبائي تڪن مان هڪ تي نواز ليگ ۽ ٻن سيٽن تي پي ٽي آءِ کي فتح ملي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي پولنگ جاري رهي، 8 قومي تڪن مان 6 تڪن پشاور، مردان، چارسده، فيصل آباد، ننڪانه صاحب ۽ ڪورنگي ۾ عمران خان کٽي ويو، پي ٽي آءِ پنهنجون ئي 2 سيٽون هارائي وئي، ملتان ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني کان شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ مهربانو قريشي 20 هزار ووٽن تان هارائي وئي، ملتان ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي سيٽ هارائي وئي، ڪراچي ۾ ملير جي سيٽ تي پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ عمران خان کي 10 هزار ووٽن تان هارائي وڏو اپ سيٽ ڪيو، اها سيٽ به اڳ پي ٽي آءِ وٽ هئي، پشاور ۾ عمران خان عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور کي 25 هزار ووٽن تان هارايو، فيصل آباد ۾ نواز ليگ جي عابد شير علي کي عمران خان هٿان 24 هزار ووٽن تان بدترين شڪست ملي، فتح تي پي ٽي آءِ ۽ پ پ ڪارڪنن جو جشن، جڏهن ته پنجاب جي 3 سيٽن مان 2 پي ٽي آءِ کٽي ورتيون، 1 سيٽ تي نواز ليگ ڪامياب، اهي ٽئي سيٽون نواز ليگ جون خالي ٿيون هيون. ڪي پي جون ٽئي سيٽون عمران خان جي نانءُ رهيون، چارسده ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو ايمل ولي خان 10 هزار ووٽن تان عمران خان کان هارائي ويو، مردان ۾ جي يو يو آءِ جو مولانا قاسم ساڍا 8 هزار ووٽن تان عمران خان کان هارائي ويو، ننڪانه صاحب ۾ نواز ليگ جي شذره منصب عمران خان ساڍا 12 هزار ووٽن تان هارائي وئي، ڪراچي ۾ متحده کي بدترين شڪست، متحده پهريان اها سيٽ ڪجهه سئو ووٽن تان هارائي هئي هن ڀيري هزارن جي ووٽن سان شڪست ملي، عمران 7 قومي تڪن تي بيٺو هو، هڪ تي پي ٽي آءِ جي مهربانو قريشي اميدوار هئي. فتح بعد پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو جشن، دهلن وڄائي جمهريون، آتشبازي ۽ فائرنگ ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اين اي 22 مردان جي 330 مڪمل پولنگن تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 76 هزار 681 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جي يو آءِ جو محمد قاسم 68 هزار 181 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، اين اي 24 چارسدا جي384 مڪمل پولنگن جي نتيجن موجب عمران خان 78 هزار 589 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، عوامي نيشنل پارٽي جو ايمل ولي خان 68 هزار 356 ووٽ کڻي هارائي ويو.10هزار کان وڌيڪ ووٽن جو فرق رهيو.اين اي 31 پشاور جي265 مڪمل پولنگن جي نتيجن موجب عمران خان 57 هزار 824 ووٽ کڻي ڪامياب، عوامي نيشنل پارٽي جو غلام احمد بلور  32 هزار 253 ووٽ کڻي 25 هزار 571 ووٽن تان هارائي ويو. اين اي 108 فيصل آباد جي مڪمل 354 پولنگن جا نتيجا اچي ويا، عمران خان 99 هزار 841 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو عابد شير علي 75 هزار 266 ووٽ کڻي هارائي ويو. اين اي 118 ننڪانا صاحب جي مڪمل 319 پولنگ جي نتيجن موجب عمران خان 90 هزار 180 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ نواز ليگ جي شذره منصب علي 78024 هزار ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهي. جڏهن ته اين اي 157 ملتان تي اپ سيٽ ٿيو، شاهه محمود جي پٽ زين قريشي جي خالي ٿيل سيٽ تي علي موسيٰ گيلاني ڪاميابي ماڻي، 264 مڪمل پولنگن نتيجا اچي ويا جنهن موجب يوسف رضا گيلاني جو پٽ ۽ پ پ اميدوار علي موسيٰ گيلاني 1 لک 7 هزار 327 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ پي ٽي آءِ جي مهربانو قريشي 82 هزار 141 ووٽ کڻي هارائي وئي. اهڙي طرح اين اي 237 ملير ۾ به اپ سيٽ ٿيو، پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ 10 هزار ووٽن تان عمران کي شڪست ڏني، مڪمل 194 پولنگن جي نتيجن موجب پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 32 هزار 567 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، عمران خان 22 هزار 493 ووٽ کڻي سگهيو يعني 10 هزار ووٽن تان کيس شڪست ملي. جڏهن ته اين اي 239 ڪورنگي تي عمران خان 50014 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي۽ متحده جو نيئر رضا 18 هزار 116 ووٽ کڻي سگهيو،يعني کيس 31898 تان شڪست ملي. هوڏانهن پنجاب جي پي پي 139 شيخوپورا جي 139 پولنگن جا مڪمل نتيجا اليڪشن ڪميشن جاري ڪيا جنهن موجب نواز ليگ جو چوڌري افتخار 40 هزار 829 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پي ٽي آءِ جو محمد ابوبڪر  37 هزار 712 ووٽ کڻي هارائي ويو. پي پي 209 خانيوال تي176 پولنگن جا نتيجا جاري ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ جو فيصل نيازي 71156 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو چوڌري ضياءُالرحمان 57603 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 241 بهاولنگر جي مڪمل 168 پولنگن جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو محمد ظفر 59 هزار 957 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو  نواز ليگ جو امان الله ستار 48 هزار 147 ووٽ کڻي هارائي ويو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب قومي تڪن تي ضمني چونڊ ٿي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جي 2 باغي ميمبرن جي استعيفائن ۽ هڪ نواز ليگ ميمبر جي نا اهلي سبب سيٽ خالي ٿي هئي ٻه سيٽون نواز ليگ وڃائي ويٺي.