اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري کي پيش ٿيڻ لاءِ ٽيون نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيب پنهنجي نوٽيس ۾ ذلفي بخاري کي 9 جنوري تي راولپنڊي نيب  بيورو ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي کيس پنهنجن ساٿين سان القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ ٽرسٽ کي زمين جي منتقلي جو رڪارڊ به آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته نيب راولپنڊي ذلفي بخاري کي 29 هين جنوري ۽ 15 ڊسمبر 2012ع تي القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ انڪوائري ۾ پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا هئا پر هو پيش نه ٿيو هو.