ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته عمران خان جو مقصد اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پيغام ڏيڻ آهي ته مون سان ڳالهايو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي حامد مير چيو ته لڳي ٿو ته عمران خان کي هاڻ لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اندر سندس حمايت موجود آهي، هو پاڻ به چوندو آهي ته منهنجا ماڻهن سان رابطا آهن، حامد مير چيو ته جهڙي ريت سپريم ڪورٽ مان عمران خان کي رليف ملي رهيو آهي، ٺيڪ آهي ته اهو آئين ۽ قانون مطابق آهي پر عمران خان اپوزيشن ۾ هو ۽ نوازشريف وزيراعظم هو ته ان وقت جيڪي فيصلا ٿيندا انهن جي اڄ جي فيصلن سان ڀيٽ ڪريو ته اوهان کي زمين ۽ آسمان جو فرق نظر ايندو.