ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ملڪ جي 9 تڪن تان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد سڀ کان اهم تڪ ڪراچي جو لياري وارو بڻجي ويو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته لياري مان پي ٽي آءِ جي سربراهه جو مقابلو ڪير ٿو ڪري؟ ان باري ۾ سينئر صحافي مظهر عباس جو چوڻ آهي ته 25 سيپٽمبر تي دلچسپ مقابلو ٿيندو. 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي شڪور شاد پ پ جي بلاول ڀٽو زرداري کي شڪست ڏني هئي پهريون ڀيرو هو جو پ پ پنهنجي مضبوط قلعو هارايو هو.