لاهور (م ڊ) نيب لاهور اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کي طلب ڪري ورتو، نيب لاهور اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي 21 آڪٽوبر تي لاهور نيب آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ مختلف کاتن ۾ مقررين جا تفصيل به طلب ڪيا، نيب لاهور شهزاد اڪبر کي 22 سوالن تي ٻڌل سوالنامو به جاري ڪيوآهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته شهزاد اڪبر 21 آڪٽوبر تي صبح 11 وڳي لاهور آفيس ۾ پيش ٿئي.