اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي عمران خان جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي (انڊر ٽيڪنگ) ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ عمران خان ان حوالي سان درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو ۽ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل انٽر ٽيڪنگ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڏيندو، هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل انڊر ٽيڪنگ عمران خان ٽرائل ڪورٽ ۾ داخل درخواست سان گڏ لڳائيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ بابت درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي لڳايل رجسٽرار جا 2 اعتراض ختم ڪري ڇڏيا،  چيف جسٽس چيو ته بايوميٽرڪ تصديق ۽ صحيح وارا اعتراض مان ختم ڪري رهيو آهيان، عمران خان جي وڪيل کي باقي رهيل اعتراض ٽن ڏينهن اندر ختم ڪرڻ جي هدايت  ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل خواجا حارث اوچتو روسٽرم تي اچي ويو ۽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽس تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اڃا ته توهان جي درخواست فڪس نه ٿي آهي، مقرر ٿي ته ڏسنداسين،  چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ان کان اڳ عدالت توهان کي رليف ڏنو هو پر ان جو ڇا ٿيو؟ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڇا توهان رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪيا آهن؟ خواجا حارث چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو عدالت جي آڏو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو توهان جو پنهنجو ڪيل آهي، هن عدالت پهرين توهان کي هڪ رستو ڏنو هو.