ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ کي 2013 ۾ اقتدار ڏيارڻ لاءِ سياسي انجنيئرنگ جو الزام  لڳائڻ تي بريگيڊيئر (ر) مظفر رانجها هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي ڪوڙن الزامن تي منهن ڏيڻ جو چيلنج ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن مظفر رانجها چيو ته چار سال وزيراعظم رهندي عمران خان جاچ ڇو نه ڪرائي؟ منهنجي ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ تي ميڊيا کي چيو ته الزام سياسي بيان هو. مظفر رانجها چيو ته ائين ئي عمران خان نجم سيٺي تي الزام لڳايو، عمران خان ڪوڙن الزامن کان نه مڙيو ته ڪورٽ وٺي ويندس، عمران خان بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻان ٿو اهو سڀ ميڊيا کي ٻڌائي ڇڏيندس، اقتدار وڃائي عمران خان جي دماغي حالت ٺيڪ ناهي رهي، ان کي سنجيده نه وٺو. اڳوڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن چيو ته عمران خان هڪ ڪوڙو شخص آهي، هڪ ڪوڙي شخص جي الزامن جو جواب ڏيڻ توهين سمجهان ٿو، عمران خان کي ٻيهر آڇ آهي ته حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ٿا وٺون، 4 مئي تي به چيو هو ته ڪميشن ٺاهيون ٿا پر پهريان حلف نامي تي صحيحون ڪنداسين، جيڪو ڪميشن ۾ غلط ثابت ٿيندو اهو موت جي سزا جو حقدار ٿيندو. هن چيو ته چار سال عمران خان وزيراعظم رهيو، ڪٿي به اهو معاملو نه کنيو، هاڻي اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته هڪ ئي مقصد آهي، اداري کي تڪراري ڪيو وڃي، ذات جي قرباني ڏئي سگهان ٿو اداري کي تڪراري بڻائڻ نه ڏيندس، عمران خان جنهن فورم تي وڻي اچي، جيڪڏهن ڪوڙو ثابت نه ٿئي ته هر سزا لاءِ تيار آهيان. مظفر رانجها چيو ته عمران خان جي الزامن تي 2 سال اڳ فوج ڇڏي ڏني ته جيئن هي اداري تي نه مون سان ڳالهائي، فوج پاڻ کي سياست کان الڳ ڪري ورتو آهي ته ان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن ڪنهن تي الزام لڳائي. اڳوڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن چيو ته انهن ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته سندن سڀني شين جي مون کي ڄاڻ آهي، مان پنهنجي اداري جي عزت جي ڪري نه ڳالهائي رهيو هيس، هاڻي جيڪڏهن عمران خان ڳالهايو ته عدالت به ويندس ۽ ٻين فورمز تي به، هن شخص عادت بڻائي ورتي آهي ته هر هڪ تي الزام لڳائي ٿو پر ڪنهن جاءِ بيهي نٿو، نجم سيٺي، شهباز شريف، يا منهنجو مثال وٺو هن شخص سڀني تي الزام ئي لڳايا جيڪڏهن هن جي فائدي جي ڳالهه هجي ته ٺيڪ ۽ فائدي جي ڳالهه نه هجي ته سڄي دنيا غلط آهي. مظفر رانجها چيو ته عمران خان چار سال وزيراعظم رهيو ڇو جرئت نه ڏيکاريائين ته ڪميشن ٺاهي، هي شخص اخلاقي، مالي، ذهني ۽ سماجي طور تي ڪرپٽ آهي، مان هڪ عزت دار ماڻهو آهيان، هن انسان کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ هن چيو ته عمران خان کي وهم آهي ته اچي منهنجي علائقي مان اليڪشن وڙهي هارائي ڇڏيندس.