ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزياڪار  حامد مير دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان اپريل 2022ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوه کي هٽائي نئون آرمي چيف آڻڻ ۽ ان بعد وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي ڪاميابي ماڻي ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو پ پ کي صلاح ڪئي وئي جنهن بعد آصف زرداري نواز شريف سان ڳالهائي عمران حڪومت تبديل ڪئي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي تحريڪ انصاف پاران آڇ ڪئي وئي هئي ته اپريل ۾ آرمي چيف تبديل ٿي ويندو ان بعد اليڪشن ٿيندي وري عمران حڪومت ۾ ايندو جنهن بعد پنج سال پورا ڪري وري پيپلز پارٽي کي حڪومت ڏني ويندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي اصل منصوبي جي خبر پئجي وئي اصل اهو منصوبو هو ته عمران خان اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪري ها ۽ ان بعد رڳو عمران جي ئي حڪومت قائم رهي ها ۽ ڪنهن ٻئي کي اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو نه ملي ها. اها آڇ ٿيڻ بعد پ پ جا ڪن کڙا ٿيا ۽ هنن ن ليگ سان رابطو ڪيو. آصف زرداري نواز شريف سان رابطو ڪيو، ٻين پارٽين کي به حڪومت جي تبديلي تي راضي ڪيو ويو جنهن بعد حڪومت تبديل ڪئي وئي، اهو قدم ملڪ جو 1973 جو آئين بچائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.