ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار عون چوڌري چيو آهي ته عمران اقتدار لاءِ جنرل باجوه جا پير پڪڙيا، عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ لاءِ جهانگير ترين کي نااهل ڪرايو ويو، چيلنج ڪريان ٿو ته ڪير ترديد ڪري ڏيکاري. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عون چوڌري چيو ته نااهلي ڪيس ۾ عمران کي 2017ع ۾ اين آر او ڏنو ويو، جهانگير ترين پاران سمورا دستاويز ڏيڻ باوجود کيس نااهل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو ويو، جيتوڻيڪ عمران خان جا جهانگير ترين جي ڀيٽ ۾ دستاويز پورا نه هئا، جمائمه جنهن بينڪ جا دستاويز اماڻيا، اها بينڪ 10 سال اڳ بند ٿي چڪي آهي، جهانگير ترين جي قرباني صرف بيلنس ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي، جهانگير ترين جي نااهلي کان اڳ پتو پئجي ويو هو، هن انڪشاف ڪندي چيو ته جهانگير ترين جي نظرثاني درخواست به عمران خان رد ڪرائي، ان وقت وزيراعظم هائوس مان عمران خان ثاقب نثار کي فون ڪري اپيل رد ڪرائي، پنهنجي قوم کي سچ ٻڌايان ٿو، هن چيو ته  اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران جنرل باجوه ۽ فيض حميد سان ملڻ ويندو هو، شاهد طور ٻڌائي رهيو آهيان ته عمرن خان اقتدار ڏيارڻ لاءِ جنرل باجوه جا پيڙ پڪڙيا، هن چيو ته اوهان ڪنهن کي غداري يا ملڪ دشمني جا سرٽيفڪيٽ نه ڏيو، نااهل ۽ جااهل عثمان بوزدار کي پنجاب جو وزيراعليٰ بڻائڻ سڀ کان وڏي غداري هئي، جنهن کي ڪا خبر ئي نه هئي، فرح گجر ۽ جميل گجر هڪ گينگ ٺاهي مونکي عمران خان کان پري ڪيو، جڏهن ته هو هن مقررين ۽ بدلين تي پيسا وٺندا هئا، مون کان به وزيراعليٰ هائوس طرفان رشوت گهري وئي، مون اسد عمر کي ٻڌايو هو ته هن کي کل جو دورو پئجي ويو ۽ حيران به ٿيو، عمران خان کي ٻڌايو ته هن چيو مونکي پنجاب ۾ ڪرپشن جا اطلاع مليا آهن، قدم کڻندس پر ابتو مونکي ئي هٽايو ويو، هن چيو ته بشريٰ بي بي کي ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ کان وڌيڪ عزت ڏني، شايد مونکي شاهه کان وڌ شاهه جي وفاداري تي سزا ملي، بشريٰ بي بي جي جادو ٽوڻِي جي حوالي سان جيڪو ڪالم ۾ لکيو ويو، اهو به سچ آهي، شادي کانپوءِ ڊنر ۾ بشريٰ بي بي جهانگير ترين کي چيو ته آئون جادوگرياڻي ناهيان. هن چيو ته مونکي عمران خان جي حلف برادري جي تقريب ۾ نه اچڻ جو خان صاحب طرفان ميسيج آيو، عمران خان ميسيج ڪيو بشريٰ خواب ڏٺو آهي ته توهان حلف برداري تقريب ۾ نه ٿا اچي سگهو.