عمران خان جي ويجهي ساٿي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڇڏيو

0
256
عمران خان جي ويجهي ساٿي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل
عمران خان جي ويجهي ساٿي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڇڏيو

سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي عمران اسماعيل پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته اڄ شايد منهنجي آخري سياسي پريس ڪانفرنس آهي. مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن مان آهيان، مون هڪ خوشحال پاڪستان جو خواب ڏٺو، مان چار سال حڪومت ۾ رهيس، ناتجربيڪاري هئي

هن چيو ته 27 سالن جي جدوجهد کانپوءِ 4 سالن ۾ حڪومت ختم ٿي وئي، اهڙو داستان ٺاهيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ پاڪستان فوج سان وڙهي رهي آهي

منهنجو خاندان فوج سان ناهي پر منهنجي دل پاڪ فوج سان آهي، ننڍپڻ کان ئي جي ڊي پائلٽ بڻجڻ چاهيو پئي

عمران اسماعيل چيو ته فوجي تنصيبات تي حملا ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي، هو 9 مئي کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ لڪندو رهيس، پوءِ پڪڙيو ويو

هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي دل ٽٽي آهي ته معافي جو طلبگار آهيان، پي ٽي آءِ ۽ ان جا سمورا عهدا ڇڏي رهيو آهيان، عمران خان توهان کي خدا حافظ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي الله حافظ چئي ٿو

هي به پڙهندا

معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مصيبت ۾ ڏسي رھيو آھيان: منظور وساڻ