اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ چيو آهي ته عمران خان هٿياربند جٿي سان اسلام آباد حملو ڪيو ته کيس گرفتار ڪنداسين، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته هاڻ جيڪڏهن اڳ وانگر عمران هٿيار جٿو وٺي آيو ته ساڻس پهرين کان وڌيڪ موثر ۽ بهتر سلوڪ ٿيندو، عمران خان کي ڌمڪيون ڏيڻ سبب اليڪشن جي تاريخ نه ملي، نومبر ۾ مقرري ٿيڻي آهي، اتحادي حڪومت هوندي هي حڪومت ۽ وزيراعظم آئين تحت اهو فرض ادا ڪندا.