اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير مريم اونگزيب چيو آھي ته گھڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي ويندو آهي، پوليس جي وڃڻ بعد ھو ٻاھر اچي ڀڙڪيون ھڻندو آھي، گهڙي چور کي  خبر آھي ته جنھن ڏينھن عدالت سامھون پيش ٿيو پڪڙيو ويندو. پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ھن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آھي، عمران خان ادارن خلاف مھم ھلائي رھيو آھي پر کيس ڪو پڇڻ وارو ناھي، ان کي پتو آھي ته جنھن ڏينھن ھو عدالت آڏو پيش ٿيندو ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته عمران سمجهي ٿو ته عدليه تي حملي، غنڊاگردي ۽ ڌمڪين سان رليف ملي ويندو، ضمانت ملي ويندي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جيڪڏھن ڏوھ ناھي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي پر ھي صرف لڪي ويھي سگھي ٿو. ھن چيو ته زمان پارڪ ۾ سمجھوتا ايڪسپريس روانگي لاءِ تيار آھي پر ھي سمجھوتو نه پر اين آر او چاھي ٿو.