عمرانائيزيشن آف پاڪستان

0
514
عمرانائيزيشن آف پاڪستان

وزيراعظم طور فوج جي ڪُلهن تي ۽ مخالف ڌُر اڳواڻ طور ڪورٽ جي ڪُلهن تي چڙهي سوڀارو ٿي اسلام آباد کان لاهور واپس پهچندڙ عمران خان هن وقت ملڪ جو محفوظ ترين شهري بڻيل آهي. عدالت سڳوريءَ ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي انصاف جا اهڙا نوان مثال قائم ڪيا آهن، جن جو حوالو ايندڙ نسل ايئن ئي ڏيندا جيئن جسٽس منير جي نظريهء ضرورت جو حوالو اڄوڪي پيڙهي ڏيندي آهي. جنهن طرح عمران خان کي حڪومت کان الڳ ٿيڻو پيو هو، ان مان سڀني کي ائين ٿي لڳو ته اسٽيبلشمينٽ کي پُٺي ڏيڻ کانپوءِ هن جو سياسي آئيندو في الحال منڌيئڙي هيٺ اچي چڪو آهي پر سُتت اها حقيقت پڌري ٿي ته ماضي ۾ حڪمرانن کي هٽائڻ وارن فيصلن ۾ ساڳئي صفحي تي رهندڙ اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري چوڪنڊي جون ڪجهه ڪُنڊون اڃان به عمران خان جي حامين جي قبضي ۾ آهن. کيس حڪومت تان هٽائيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف، طالبان ۽ ايم ڪيو ايم کانپوءِ هي تجربو به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. انهن ۾ بهرحال نواز شريف سياسي لحاظ کان گهڻو مختلف ڪيس آهي، جنهن کي ٻين سان ڀيٽي نٿو سگهجي پر عملي طور تي اهي سڀ اسٽيبلشمينٽ جا تجربا ئي هئا.

عمران خان کي عدالتي سرپرستي ۾ ئي اقتدار ۾ آندو ويو هو ۽ هاڻي اسٽيبلشمينٽ جو اهو ئي ڇَپر سندس مٿان ڇانوَ ڪري بيٺو آهي. ماضيءَ ۾ فوج، عدليه ۽ بيوروڪريسي اسٽيبلشمينٽ جي چوڪنڊي ۾ هڪ صفحي تي گڏجي چوٿين ڪُنڊ يعني عوام جي چونڊيل پارليامينٽ تي هلان ڪنديون هيون. عوام جا چونڊيل اڳواڻ اسلام آباد مان بي آبرو ٿي نڪرڻ کانپوءِ وري وڃي عوام اڳيان روڄ راڙو ڪندا هئا. هڪ اڌ ڀيرو عدليه پنجاب جي وزيراعظم سان رعايت ڪئي، تڏهن به پنڊيءَ جي ڏنڊي پنهنجو ڪم ڏيکاري وئي.

هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ تي پنجاب جي هڪ هٽي رهي آهي. افغانستان واري جنگ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ضرورت پئي ته پختونن کي جونيئر پارٽنر طور ڪجهه جاءِ ڏي. هونئن ته هڪ تائين پختون، اسٽيبلشمينٽ جو اڳ به حصو رهيا آهن پر بهرحال ان جو حصو نالي ماتر رهيو آهي. افغان جهاد کانپوءِ پختونن جو اسٽيبلشمينٽ ۾ حصو وڌيو. هوريان هوريان پختونن بيوروڪريسيءَ ۽ فوج ۾ حصو وڌايو ۽ هاڻي عمران خان جي شڪل ۾ کين هڪ عوامي/سياسي اڳواڻ به ملي ويو. عمران خان جيئن ته پنجاب سان تعلق رکندڙ نسلي طور پٺاڻ آهي، تنهنڪري کيس پنجاب ۾ به ايتري ئي مڃتا حاصل آهي. سندس ڪرڪيٽر ۽ مخير طور مشهور ٿيل شخصيت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي هڪ اهڙي موهيندڙ شخصيت نظر آئي، جيڪا کين پنجاب جي نواز شريف ۽ سنڌ جي زرداريءَ مان جان ڇڏائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي پئي. اسٽيبلشمينٽ کي پيپلز پارٽي سان پراڻو وير آهي. انهن کي لڳندو آهي ته ڪيترائي سمجهوتا ڪرڻ جي باوجود پيپلز پارٽي ڪٿي نه ڪٿي پارلياماني نظام ۽ جمهوريت جي حوالي سان پنهنجي مرضي هلائي ٿي. اسٽيبلشمينٽ کي 18هين آئيني ترميم ۽ ستين ناڻي ورڇ ايوارڊ تي سخت اعتراض آهن ۽ رهي ڳالهه ڪرپشن جي ته ان تي کين ڪو اعتراض ناهي، ڇو ته ان معاملي تي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلز پارٽي ساڳئي صفحي تي آهن. زرداري صاحب کائڻ کارائڻ جي معاملي تي ڦڏو ڪندو ئي ناهي. کيس خبر آهي ته ملڪ جو وهنوار ئي ان ڏيتي ليتي تي هلي ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته سياسي ڪرپشن مٿان هر ڪئميرا ۽ مائيڪ کي پهچ ملي ويندي آهي ۽ ٻين جي ڪرپشن تي سڀني جا چَپَ سِڀيل هوندا آهن. نواز شريف سان به جهيڙو ان ڪري آهي جو 80ع واري ڏهاڪي ۾ سندن سرپرستي سان سياسي اڳواڻ ٿيڻ کانپوءِ پنجابي سرمائيدار ۽ وچولي طبقي جو اڳواڻ بڻجي وڃن سبب هو هڪ حد کان وڌيڪ تعبيداري نٿو ڪري. هندوستان سان لاڳاپن، علائقائي واپار ۽ سولين حڪمراني جي معاملي تي هو پنهنجي مرضي هلائڻ ٿو لڳي. انهن ٻنهي آپشنز جي ڀيٽ ۾ عمران خان پنهنجي حڪومت وقت هر ڳالهه ڪنڌ جهڪائي مڃيندو رهيو. هاڻي ته هو پاڻ چوندو ٿو وتي ته مون وٽ ڪي به اختيار نه هئا. هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس کان وٺي طالبان سان سهڪار ڪرڻ تائين هر حڪم جي بجا آوري ٿي ڪئي. بس جهيڙو اتان ٿي پيو جو هن پنڊي اسٽيبلشمينٽ جي اندروني معاملن ۾ ٽنگ اٽڪائي وڌي. جنرل باجوه جي ڀيٽ ۾ جنرل فيض حميد جي هنج ۾ رهڻ واري هٺ کيس ٽڪراءَ ۾ آڻي ڇڏيو. ان وچ ۾ جنرل فيض، آمريڪا ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي جي ابتڙ افغانستان واري معاملي ۾ پنهنجي مرضي هلائي گيم ڦٽائي وڌي، جنهن کانپوءِ آمريڪا به ليڪو ڪڍي ڇڏيو. جنرل باجوه ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جا سگهارا ڪردار ايترو برداشت نٿي ڪري سگهيا. ان دوران عمران خان اسٽبلشمينٽ ۾ ايترو گهر ڪري چڪو هو جو فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مٿين سطح واري قيادت سمجهي وئي ته هو هوريان هوريان هر جاءِ تي پنهنجا ماڻهو فِٽ ڪري ملڪي معاملن تي مڪمل قبضو ڪري وٺندو. ان ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو جنرل فيض هو. اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ۾ اچي ويو ته اهو ڏاڪو چڙهڻ کانپوءِ عمران خان سڄي نظام تي قبضو ڪري وٺندو، نتيجي ۾ اهو ٽڪراءَ هڪ نئين انتها تي پهچي ويو. هاڻي عمران خان کي ٻاهر ته ڪري ڇڏيائون پر اسٽيبلشمينٽ جي فيڪٽري ۾ اڃا ڪيترائي فورمين سندس حامي آهن. هن نهايت مهارت سان پاڻ کي عدالت وٽان پناهه ڏياري آهي. هتان کان اڳتي اسٽيبلشمينٽ جو اندروني ٽڪراءَ به هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. نه رڳو اهو ته فوج جي اعليٰ قيادت ۽ عدليه وچ ۾ سڌو ٽڪراءَ ٿي سگهي ٿو پر ٻنهي ادارن جي اندر به وڏو ٽڪراءَ نظر اچي رهيو آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن دوران عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ واري منظرنامي ان اندروني ٽڪراءَ کي به وائکو ڪيو آهي. ائين نه هجي ها ته لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جو گهر سڙڻ، فوجي گاڏين تي پٿراءُ ٿيڻ، پشاور ۾ بالا حصار قلعي ۾ عوام جو گهڙي پوڻ، فضائيه جي جنگي اعزاز واري جهاز کي باهه ڏيڻ، سرعام فوج خلاف بدترين ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ نعريبازي ڪرڻ جهڙا واقعا بنا ڪنهن عملي ردِ عمل جي نه ٿي سگهن آهن. جنهن اداري جي چوڪيءَ وٽان لنگهڻ به ممڪن نه هجي، ان سان ايڏي وڏي ويڌن ٿيڻ ڪو چرچو ته ناهي! اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ به وڳوڙن ۾ پختون ۽ افغاني اڳڀرا ٻڌايا وڃن ٿا. ويندي عمران خان ته لاهور جي زمان پارڪ واري رهائش تي پنهنجا محافظ به پختونخوا مان گهرائي رکيا آهن. پنجاب ۾ هاڻي پنجابي پختون بحث به ڪجهه حلقن ۾ ٿيڻ لڳو آهي. پختون، عمران خان جي شڪل ۾ ملڪي سطح تي هڪ اڳواڻ ڏسي رهيا آهن. سندس حڪومت دوران اهم وزارتن، سرڪاري عهدن، ڪاروبارن ۽ ٻين معاملن ۾ پختون ڪيترو مٿي اڀري آيا، اهو اسلام آباد ۾ رهندڙن اکين ڏٺو آهي. کيس حڪومت مان هٽائڻ تي پختون اسٽيبلشمينٽ ارهي آهي. چيو وڃي ٿو ته سندس گرفتاري خلاف ٿيندڙ مظاهرن دوران پختونخوا ۾ ڪيترن ئي پختون ڪمانڊرن ايڪشن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پختون اهو به سمجهن ٿا ته پاڪستان جي معاملن ۾ عالمي اسٽيبلشمينٽ سان رڳو ملڪ جي پنجابي قيادت معاملا نبيرندي آهي، جنهن ۾ سندن مفادن جي ڪا به نمائندگي ناهي هوندي. عمران خان جي صورت ۾ پختون، عالمي اسٽيبلشمينٽ سان طئي ٿيندڙ معاملن ۾ پنهنجي نمائندگي به ڏسن ٿا. افغانستان جي طالبان سان نرم رويو رکڻ سبب عمران خان سرحد جي ٻنهي پاسي پختونن وچ ۾ پُل به بڻجي رهيو هو. ٿورن لفظن ۾ ته عمران خان وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ اندر پنجابي ۽ پختون ڀائيواري/مفاد جي تڪرار جي هڪ شڪل آهي.

اهو ته ٿيو پنجابي ۽ پختون مفادن جو ٽڪراءَ، جنهن جو مرڪز ملڪ جو اُتر آهي. ان سڄي جهيڙي ۾ سنڌ کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو. سنڌ ۾ ڪجهه جذباتي همراهه پرائي ڄڃ ۾ نچڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. سندن خيال آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف هڪ وڏي انقلاب جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جو ساٿ نه ڏيڻ گناهه برابر آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ آهي پر سندس ٽڪراءَ جو بنياد ڪو آئين جي حڪمراني، جمهوريت ۽ سولين راڄ کي سگهارو ڪرڻ يا ملڪ جي ننڍن صوبن ۽ ڪمزور قومن جي تاريخي حقن جي پاسداريءَ تي ناهي. هن جو اسٽيبلشمينٽ جي رڳو ان حصي سان جهيڙو آهي، جنهن کيس حڪومت مان هٽايو. کيس اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به نظرياتي ۽ اصولي اختلاف ناهي. کيس پنهنجي پسند جي اسٽيبلشمينٽ گهرجي ۽ ويندي طالبان سان ڀائپي به سندس خواهش جو حصو آهي. بدقسمتي سان سنڌ بابت عمران خان کي ڪڏهن به ڪا همدردي ناهي رهي. هن چِٽن لفظن ۾ چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي مان ماڻهو اچي ڪراچي تي حڪومت ڪن ٿا. هن حڪومت جي سڄي دور ۾ سنڌ اندر رڳو ڪراچي جي هڪ مفاد پرست لساني گروهه سان واسطو رکيو. هو پيپلز پارٽي دشمنيءَ ۽ سنڌ دشمنيءَ ۾ ڪو به سَنڌو نه رکندو آهي ۽ عمراني حڪومت دوران سنڌ مان ڪو به سنڌي ڳالهائيندڙ پارٽيءَ، توڙي حڪومت ۾ اهم عهدي تي نظر نه آيو. جج صاحب جي ڊيم فنڊ کان وٺي ٻوڏ سٽيلن واري معاملي تي هن ڪڏهن به سنڌ جي مفادن جو نه سوچيو. سندس حمايت ڪندڙ سنڌين جي اڪثريت درحقيقت سنڌ مٿان هلندڙ خراب حڪمرانيءَ سبب پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت مان بيزار ٿيل آهن. ڪرپشن جي کُليل راڄ، ميونسپل خدمتن جي بربادي ۽ قبائلي راڄ جي پُٺڀرائي سبب، امن امان جي بدترين صورتحال سبب سنڌ واسين جو هڪ وڏو حصو ايتري ته فرسٽريشن جو شڪار آهي جو پ پ مخالفت ۾ بيٺل هر ڌر جي آجيان ڪرڻ لاءِ  آتا آهن. هڪ حقيقت کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني ۽ سنڌ جا مفاد ٻه الڳ الڳ حقيقتون آهن. سنڌ ۾ سٺي حڪمرانيءَ لاءِ هر سطح تي جدوجهد ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي قومي ۽ آئيني حقن لاءِ آواز اٿاربو رهجي. پ پ حڪومت تي بنا رعايت جي تنقيد ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي خلاف هر فورم تي سياسي جدوجهد به ڪجي پر سنڌ جي مسئلن جو حل عمران خان جي شڪل ۾ ڏسڻ سياسي سادگي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ واسين کي ڪنهن به ڌر جي حمايت يا مخالفت جو بنياد سنڌ جي وحدت، سنڌ جي معاشي ترقي، امن امان ۽ سنڌين جو حق حاڪميت، وسيلن  تي مالڪي ۽ وفاق ۾ سنڌ جي آئيني حقن کي بنائڻ گهرجي. جيڪڏهن عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو ماضي، بيان ۽ عملي ڪم ان پيماني تي پورا لهن ته سندس ضرور حمايت ڪجي ٻي صورت ۾ پ پ سميت هر پارٽي اڳيان پنهنجو موقف چِٽو رکجي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي گهٽ ۾ گهٽ پارٽي اندر هڪ ٻن اهم عهدن تي ڪن سنڌي ڳالهيندڙ ساکائتين شخصيتن کي نمائندگي ڏيڻ گهرجي ها. هن وقت پارٽي اندر ويٺل سنڌين جي اتي ڪيتري هلي، اها ڪنهن کان ڳجهي ناهي. اهي ئي شرط نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين تي به لاڳو ڪرڻ گهرجن. سنڌ واسين کي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عمران خان پنهنجي روين ۾ ڪو متوازن سياسي سوچ رکندڙ اڳواڻ به ناهي. هن سياست ۾ گارگند، مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ، اقرباپروري ۽ ڪُل اختيارن جي مرڪزيت وارا لاڙا متعارف ڪرايا آهن، جيڪي جمهوريت جي بنيادي اصولن سان ٺهڪندڙ ناهن. تازو احتجاج دوران جنهن قسم جي ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ جنهن ريت عمران سميت سڄي پي ٽي آءِ قيادت ان جي مذمت کان پاسيري رهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو سياست ۾ تشدد جو حامي آهي. اها ئي روش ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اختيار ڪئي هئي. عمران خان مرڪزيت پسند سياسي نظام جو قائل آهي. هو چِٽن لفظن ۾ 18هين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن جي واڌ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي، کيس انهن وسيلن ۽ اختيارن جي غلط استعمال تي نه پر صوبن جي بااختيار ٿيڻ تي اعتراض آهي. هو سنڌ ۾ هڪ اهڙي حڪومت ويهارڻ چاهي ٿو، جيڪا ٻيٽن جي نيلاميءَ کان وٺي سمورن وسيلن ۽ اختيارن جي معاملي ۾ اسلام آباد جي تابع هجي.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمرانيءَ جو حل سنڌ اندر ئي ڳولهڻ گهرجي. عمران خان ۽ سندس حامي اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ ۽ سنڌين سان ڪا به همدردي ناهي. هنن جو زرداري سان جهيڙو شفاف ۽ بهتر حڪمراني لاءِ نه پر سنڌ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. ان ٽڪراءَ ۾ سنڌ جا مفاد ڪٿي به سندن اوليت ناهن. سنڌ واسي عمران خان جي انا ۽ پ پ  جي لاپرواهيءَ وچ ۾ پيڙجي رهيا آهن ۽ ٻنهي جي اوليت سنڌ ۽ سنڌين جي ترقي ناهي.